سعودي عرب ۾ اقامه ۽ ليبر قانونن جون وڌيڪ 11 هزار 300 ڀڃڪڙيون رڪارڊ، 14855 غير قانوني پرڏيهي بي دخل

رياض – 03 مئي (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جون وڌيڪ 11 هزار 300 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن جڏهن ته 14 هزار 855 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته 23 کان 29 اپريل 2026ع وچ ۾ مجموعي طور تي 6 هزار 244 ماڻهن کي …

رياض – 03 مئي (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جون وڌيڪ 11 هزار 300 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن جڏهن ته 14 هزار 855 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته 23 کان 29 اپريل 2026ع وچ ۾ مجموعي طور تي 6 هزار 244 ماڻهن کي اقامه قانون، 3 هزار 543 کي غير قانوني سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ هڪ هزار 513 کي محنت جي قانون جي ڀڃڪڙي تي حراست ۾ ورتو ويو. غير قانوني طور تي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 454 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، انهن مان 54 سيڪڙو ايٿوپين، 43 سيڪڙو يمني ۽ 3 سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکن ٿا. ان کان علاوه 51 اهڙن ماڻهن کي به پڪڙيو ويو جيڪي سرحد پار ڪري سعودي عرب مان پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سفر، رهائش، روزگار ۽ پناهه ڏيڻ جي ڪوشش ۾ ملوث 14 ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.

مزید خبریں