اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪائونسل آف نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان، سيڪريٽري جنرل غلام نبي چانڊيو، سينئر نائب صدر اياز خان، نائب صدرن شڪيل احمد ترابي ۽ انور ساجدي، اطلاعات واري سيڪريٽري منزه سهام ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري مبارڪن واري پيغام ۾ صدر چيو …
صدر آصف علي زرداري پاران ڪائونسل آف نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪائونسل آف نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان، سيڪريٽري جنرل غلام نبي چانڊيو، سينئر نائب صدر اياز خان، نائب صدرن شڪيل احمد ترابي ۽ انور ساجدي، اطلاعات واري سيڪريٽري منزه سهام ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري مبارڪن واري پيغام ۾ صدر چيو ته صحافتي قدر، حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ ۽ قومي مفاد کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهن. هن چيو ته ميڊيا جو تعميري ڪردار ڪردار قومي يڪجهتي ۽ جمهوري استحڪام لاءِ اڻٽر آهي.









