عظيم ڪاميابي جي شاندار تاريخ تي مشتمل ڪتاب معرڪه حق جو مهورت 5 مئي تي ٿيندو

اسلام آباد - 02 مئي (اي پي پي) قومي يڪجهتي، قومي عزم ۽ عظيم ڪاميابي جي شاندار تاريخ تي مشتمل ڪتاب معرڪه حق جو مهورت 5 مئي تي ٿيندو. معرڪه حق دوران ملڪي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائيندي پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي يڪجهتي جو اعلي مثال پيش ڪيو. ڪتاب معرڪه حق پاڪستان جي دفاع، وقار ۽ دانشمندي واري سفارتڪاري جي واضع عڪاسي ڪري ٿو. …

اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) قومي يڪجهتي، قومي عزم ۽ عظيم ڪاميابي جي شاندار تاريخ تي مشتمل ڪتاب معرڪه حق جو مهورت 5 مئي تي ٿيندو. معرڪه حق دوران ملڪي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائيندي پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي يڪجهتي جو اعلي مثال پيش ڪيو. ڪتاب معرڪه حق پاڪستان جي دفاع، وقار ۽ دانشمندي واري سفارتڪاري جي واضع عڪاسي ڪري ٿو. ڪتاب قومي تارخ جو هڪ روشن باب آهي، جنهن ۾ دشمن جي اڳرائي خلاف قوم پاڪ فوج سان گڏ شيهي جي ديوار بڻجي بيٺل رهي، اهو ڪتاب ڀارت جي سازشن، فالس فليگ آپريشنز ۽ رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي کي بي نقاب ڪري ٿو. ڀارتي جارحيت خلاف پاڪ فوج دشمن کي اهڙو جواب ڏنو جنهن تي ڀارت کي عالمي ثالثن کان مدد وٺڻي پئجي وئي.