حڪومت پائيدار ماهيگيري کي هٿي وٺائڻ ۽ ذميواراڻي، ٽونا مڇي جي شڪار ذريعي معاشي ترقي لاءِ پرعزم آهي:سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير

اسلام آباد -02 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته حڪومت پائيدار ماهيگيري کي هٿي وٺائڻ، سامونڊي حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ ذميواراڻي، ٽونا مڇي جي شڪار ذريعي معاشي ترقي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٽونا مڇي جو عالمي ڏهاڙو”ٽونا مڇي جي تحفظ لاءِ آواز اٿاريو“ جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي. ان موقعي تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو …

اسلام آباد -02 مئي (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته حڪومت پائيدار ماهيگيري کي هٿي وٺائڻ، سامونڊي حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ ذميواراڻي، ٽونا مڇي جي شڪار ذريعي معاشي ترقي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٽونا مڇي جو عالمي ڏهاڙو”ٽونا مڇي جي تحفظ لاءِ آواز اٿاريو“ جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي. ان موقعي تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ٽونا مڇي عالمي غذائي تحفظ، روزگار جا موقعا ۽ معاشي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جنهن کي نظر ۾ رکندي حڪومتن، صنعتن ۽ صارفين کي گڏيل قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ٽونا مڇي جو عالمي ڏهاڙو، جيڪو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2016ع ۾ قائم ڪيو هو، ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته حد کان وڌيڪ شڪار جي روڪٿام پائيدار طريقيڪار کي هٿي وٺائڻ ۽ مستقبل لاءِ ٽونا مڇي جي ذخيرن جي تحفظ جي سخت ضرورت آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان ماهيگيري جي شعبي کي عالمي تحفظاتي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. پهريون ڀيرو پاڪستان کي هندي سمنڊ ٽونا ڪميشن مان 25 هزار ميٽرڪ ٽن جي ڪوٽا حاصل ٿي، جنهن ۾ 15 هزار ييلوفن ٽونا ۽ 10 هزار ٽن سڪيپ جيڪ شامل آهن. ان اڳڀرائي سان اٽڪل 20 ڪروڙ ڊالر جي روانگي واپار جي اميد آهي. هن چيو ته ساليانو 45 هزار ٽن کان وڌيڪ شڪار جي باوجود هڪ وڏو حصو فشنگ جي غير منظم طريقن سبب ضايع ٿيندو آهي، جڏهن ته حڪومت قومي فشريز ۽ ايڪوا ڪلچر پاليسي لاڳو ڪري ان مسئلي کي حل ڪندي، جنهن سان نه رڳو قاعدا ۽ ضابطا بهتر ٿيندا پر آمدني ۾ اضافو ۽ عالمي موسمياتي تحفظاتي گهرجون به ممڪن ٿينديون. هن چيو ته عالمي سطح تي ماهيگيري جي نظم و نسق ۾ پاڪستان جو ڪردار مضبوط ٿي رهي رهيو آهي ۽ سامونڊي معاملن واري وزارت جي هڪ سينئر آفيسر جو هندي سمنڊ ٽونا ڪميشن جي انتظاميه ۽ ماليات واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته پاڪستان جو ٽونا سيڪٽر هڪ اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جتي پائيدار ڪوٽا، پاليسي سڌارا ۽ مضبوط عالمي شراڪتدارين ذريعي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي، ماحولياتي تحفظ ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي جي راهه هموار ٿي رهي آهي.

مزید خبریں