جيڪب آباد-02 مئي (اي پي پي) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز شريف، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله ۽ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري جيڪب آباد پهتا، جتي هنن جو شاهه محمد شاهه، راجا انصاري، کيئل داس ڪوهستاني ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي شخصيتن شهباز ايئر بيس تي شاندار استقبال ڪيو. وفد بعد ۾ جکراڻي هائوس پهتو، …
حمزه شهباز، راڻا ثناءُ الله ۽ اعظم نذير تارڙ جي جيڪب آباد آمد، جکراڻي خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو

مزید خبریں
جيڪب آباد-02 مئي (اي پي پي) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز شريف، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله ۽ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري جيڪب آباد پهتا، جتي هنن جو شاهه محمد شاهه، راجا انصاري، کيئل داس ڪوهستاني ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي شخصيتن شهباز ايئر بيس تي شاندار استقبال ڪيو. وفد بعد ۾ جکراڻي هائوس پهتو، جتي هننن قومي اسيمبلي جي ميمبر مير اعجاز حسين جکراڻي سان سندس پُٽ مير زيد حسين جکراڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فاتحه خواني ڪئي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











