اسلام آباد-02 مئي(اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان سان ازبڪستان جي ناوئي ريجن جي گورنر نورمت ترسنوف ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير علي شير تختايف، صنعت ۽ پيداوار ۽ خوراڪ جي سيڪريٽري سيف انجم سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ ٿيا. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت موجب هارون اختر خان ازبڪ وفد جي شاندار آجيان ڪئي ۽ …
وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر سان ازبڪستان جي ناوئي ريجن جي گورنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-02 مئي(اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان سان ازبڪستان جي ناوئي ريجن جي گورنر نورمت ترسنوف ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير علي شير تختايف، صنعت ۽ پيداوار ۽ خوراڪ جي سيڪريٽري سيف انجم سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ ٿيا. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت موجب هارون اختر خان ازبڪ وفد جي شاندار آجيان ڪئي ۽ پاڪستاني عوام پاران خير سگالي وارن جذبن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان مان ازبڪستان ڏانهن زنده جانورن جي روانگي واپار جي تجويز غور هيٺ آندي وئي. ملاقات دوران ڌرين، دوائن، چمڙي ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ بي ٽو بي رابطن، گوشت جي روانگي واپار ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ تي زور ڀريو. ان موقعي تي وزيراعظم جي ويزن تحت واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. هارون اختر پاران ازبڪ گورنر کي يادگار شيلڊ پڻ پيش ڪئي وئي. ڌرين هڪ ٻئي جي عوام ۽ حڪومتي سربراهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.











