اسلام آباد-02 مئي(اي پي پي) سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ پڻ ٽونا جو عالمي ڏينهن ڪالهه ڇنڇر 2 مئي تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٽونا مڇي جي اهميت، ان جي ذخيرن جي تحفظ ۽ پائيدار ماهيگيري بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي. واضع رهي ته ٽونا مڇي انسانن لاءِ تمام گهڻي فائديمند آهي، جڏهن ته ضرورت کان وڌيڪ ۽ غير قانوني شڪار سبب ان جي نسل کي خطرا …
سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ پڻ ”ٽونا“مڇي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-02 مئي(اي پي پي) سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ پڻ ٽونا جو عالمي ڏينهن ڪالهه ڇنڇر 2 مئي تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٽونا مڇي جي اهميت، ان جي ذخيرن جي تحفظ ۽ پائيدار ماهيگيري بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي. واضع رهي ته ٽونا مڇي انسانن لاءِ تمام گهڻي فائديمند آهي، جڏهن ته ضرورت کان وڌيڪ ۽ غير قانوني شڪار سبب ان جي نسل کي خطرا لاحق ٿي ويا آهن. ٽونا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٽونا جي آبادي کي بچائڻ لاءِ سخت ضابطن تي عمل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. ٽونا مڇي جو عالمي واپار تمام گهڻو وسيع آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن لاءِ آمدني جو هڪ اهم ذريعو آهي. ٽونا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سماجي، سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويا، جن ۾ ٽونا مڇي جي اهميت، ان جي ذخيرن جي تحفظ ۽ ماهيگيري بابت عوامي شعور اجاگر ڪيو ويو.











