پهلگام فالس فليگ جي شرمندگي ۽ سچ کان خوفزده ڀارت ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ بزدلي وارن طريقن تي لَهي پيو

اسلام آباد-02 مئي(اي پي پي) پهلگام فالس فليگ جي شرمندگي ۽ سچ کان خوفزده ڀارت ڪوڙ کي لِڪائڻ لاءِ بزدلي وارن طريقن تي لهي پيو آهي. مودي حڪومت سچ جي آواز کي دٻائڻ لاءِ آءِ ايس پي آر جي چينل سيمت ڪيترن ئي پاڪستاني يوٽيوب چينلز کي ڀارت ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي فوج هٿان مليل ناڪامي کان پوءِ ڀارت کي ڊجيٽل دنيا ۾ پڻ ذلت واري شڪست …

اسلام آباد-02 مئي(اي پي پي) پهلگام فالس فليگ جي شرمندگي ۽ سچ کان خوفزده ڀارت ڪوڙ کي لِڪائڻ لاءِ بزدلي وارن طريقن تي لهي پيو آهي. مودي حڪومت سچ جي آواز کي دٻائڻ لاءِ آءِ ايس پي آر جي چينل سيمت ڪيترن ئي پاڪستاني يوٽيوب چينلز کي ڀارت ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي فوج هٿان مليل ناڪامي کان پوءِ ڀارت کي ڊجيٽل دنيا ۾ پڻ ذلت واري شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي. شڪست مليل مودي سرڪار حقيقت کي لڪائڻ لاءِ 1 مئي 2025 تي آءِ ايس پي آر جو سرڪاري يوٽيوب چينل بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت پاران پاڪستان جا يوٽيوب چينل بلاڪ ڪرڻ جهڙن قدمن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڀارت پاڪستان هٿان واٰضع شڪست جو اعتراف ڪيو آهي. ماهرن موجب جنگ جي ميدان کان پوءِ ڊجيٽل محاذ تي ڀارت جي وائڙائپ عالمي ذلت جو واضع ثبوت آهي.

مزید خبریں