پاڪستاني حج پانڌيئڙن لاءِ 35 جديد ڪلينڪس جي مرحليوار فعال ڪرڻ جو عمل شروع، مرڪزي ڪلينڪ ۾ 28 ٽيسٽ ۽ 7/24 ايمبولينس سروس يقيني بڻايون ويون آهن: ڊي جي حج

مڪه مڪرمه -02 مئي (اي پي پي) حج ڊائريڪٽر جنرل عبدالوهاب سومرو چيو آهي، ته سعودي صحت واري وزارت جي قانون ۽ طئي ٿيل معيار تحت هڪ لک 19 هزار پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي صحت جي مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ مڪي پاڪ ۽ مديني پاڪ ۾ مرحليوار 35 جديد ڪلينڪس قائم ڪيون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ پاڪستان حج مشن آفيس جي ويجهو العزيزيه ۾ گنجائش جي کوٽ کي …

مڪه مڪرمه -02 مئي (اي پي پي) حج ڊائريڪٽر جنرل عبدالوهاب سومرو چيو آهي، ته سعودي صحت واري وزارت جي قانون ۽ طئي ٿيل معيار تحت هڪ لک 19 هزار پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي صحت جي مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ مڪي پاڪ ۽ مديني پاڪ ۾ مرحليوار 35 جديد ڪلينڪس قائم ڪيون پيون وڃن. ان سلسلي ۾ پاڪستان حج مشن آفيس جي ويجهو العزيزيه ۾ گنجائش جي کوٽ کي ختم ڪندي نوان ۽ وسيع مرڪزي ڪلينڪ فعال ڪيا ويا آهن ته جيئن حج پانڌيئڙن کي هڪ ئي ڇت هيٺان بهترين طبي سهولتون ميسر اچي سگهن. ان مربوط نظام تحت هر ڪلينڪ سان گڏ 3 کان 4 ايمبولينسز هر وقت الرٽ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته جرمن اسپتال جي فني اهڪارن ۽ سپر وائيزرز جي مقرري ذريعي علاج جي معيار کي عالمي معيار موجب يقيني بڻايو ويو آهي. هو نئين قائم ٿيل پاڪستان حج ميڊيڪل مشن جي مرڪزي ڪلينڪ جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ڊي جي حج ڪلينڪ جي مرداڻي ۽ زناني اوپي ڊي، فارميسي، ڊينٽل يونٽ، الٽرا سائونڊ، ايڪسري ۽ فزيو ٿراپي سميت سمورن شعبن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ علاج هيٺ حج پانڌيئڙن کي سڌي ريت فراهم ٿيندڙ سهولتن بابت پڇاڻو ڪيو. جنهن تي حج پانڌيئڙن مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو، ميڊيڪل عملدارن ڊائريڪٽر جنرل حج کي بريفنگ ڏني ته هن وقت تائين 21 ڪلينڪس قائم ٿي چڪيون آهن، جتي هن وقت تائين حج پانڌيئڙن کي او پي ڊي ۾ معائني کان پوءِ 8 هزار کان وڌيڪ قسم جون دوائون فراهم ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ليباريٽري ۾ مجموعي طور تي 28 ٽيسٽن جي جديد سهولت موجود آهي جن ۾ سي بي سي مان رت جي کوٽ يا انفيڪشن، بلڊ گلوڪوز مان شگر ۽ يوريا ۽ ڪريٽينائن مان گڙدن جي بيمارين جي سڃاڻپ ٿيندي آهي. جگر ۽ يرقان لاءِ اي ايل ٽي ۽ بليروبن جڏهن ته جوڙن جي سور لاءِ يورڪ ايسڊ جي ٽيسٽ به موجود آهي. دل جي تڪليف جي صورت ۾ ٽروپونن آءِ ۽ سي جي ايم بي جهڙين ٽيسٽن سان فوري سڃاڻپ ۾ مدد ملندي آهي. ان کان علاوه ٽائيفائيڊ، ڊينگي، هيپاٽائيٽس ۽ ڪورونا جي اسڪريننگ سميت پيشاب (يورين) پائخاني (اسٽول) جي ٽيسٽ جي به سهولت موجود آهي. ان موقعي تي چيف ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مرزا علي محسود سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار به ڊي جي سان گڏ هئا.

مزید خبریں