اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 62 لک کان وڌيڪ ماليت جي 51.52 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف ترجمان طرفان جاري بيان مطابق ڪارروائين دوران جميل چوڪ رنگ روڊ پشاور ويجهو جوابدار جي قبضي مان 4.2 ڪلو گرام چرس هٿ آئي. لانڍي …
اينٽي نارڪو ٽڪس فورس جي ڪارروائي، 51.52 ڪلو گرام منشيات هٿ، 3 جوابدار گرفتار

مزید خبریں
اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 62 لک کان وڌيڪ ماليت جي 51.52 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف ترجمان طرفان جاري بيان مطابق ڪارروائين دوران جميل چوڪ رنگ روڊ پشاور ويجهو جوابدار جي قبضي مان 4.2 ڪلو گرام چرس هٿ آئي. لانڍي ڪراچي ويجهو موٽر سائيڪل سوار کان 6.12 ڪلو گرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. چشمه روڊ ڊي آءِ خان تي پيٽرول پمپ ويجهو جوابدار جي قبضي مان چرس، ڊي جي خان ڪوريئر آفيس ۾ پشاورکان آيل پارسل مان ايمرجنسي لائٽ ۾ لڪايل هيروئن هٿ ڪري ورتي.











