آمريڪا ۾ پڪل بال جي رانديگرن کي کڻي ويندڙ جهاز ڪري تباهه، پائيلٽ سميت سمورا رانديگر فوت

واشنگٽن – 02 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۾ پڪل بال جي رانديگرن کي کڻي ويندڙ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن سبب پائلٽ سميت سمورا رانديگر فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو رياست ٽيڪساس جي شهر آسٽن جي علائقي ويمبرلي ۾ پيش آيو. ٽيڪساس ڊيپارٽمينٽ آف پبلڪ سيفٽي واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن جهاز آسٽن جي ڏکڻ اولهه واري علائقي ۾ اڏام …

واشنگٽن – 02 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۾ پڪل بال جي رانديگرن کي کڻي ويندڙ جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن سبب پائلٽ سميت سمورا رانديگر فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو رياست ٽيڪساس جي شهر آسٽن جي علائقي ويمبرلي ۾ پيش آيو. ٽيڪساس ڊيپارٽمينٽ آف پبلڪ سيفٽي واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن جهاز آسٽن جي ڏکڻ اولهه واري علائقي ۾ اڏام ڪري رهيو هو. سارجنٽ بيلي ري صحافين کي ٻڌايو ته جهاز ۾ چار رانديگر ۽ هڪ پائلٽ سوار هئا ۽ اهي سڀ حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن. اختيارين طرفان فوتين جا نالا فوري طور جاري ناهن ڪيا ويا جڏهن ته امريلو پڪل ڪلب جو چوڻ آهي ته جهاز تي سوار رانديگر هڪ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا.

مزید خبریں