پشاور زلمي ۽ حيدرآباد ڪنگز وچ ۾ پي ايس ايل فائنل جي پڄاڻي واري تقريب جون تياريون جاري

لاهور-02 مئي (اي پي پي) پشاور زلمي ۽ حيدرآباد ڪنگز وچ ۾ آچر ڏينهن قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيندڙ پي ايس ايل فائنل جي پڄاڻي واري تقريب جون تياريون جاري آهن. پاڪستان سپرليگ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر سلمان نصير، پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته تقريب لاءِ اسٽيج جي تياري مڪمل ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ريهرسل جو عمل به جاري آهي، سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا …

لاهور-02 مئي (اي پي پي) پشاور زلمي ۽ حيدرآباد ڪنگز وچ ۾ آچر ڏينهن قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيندڙ پي ايس ايل فائنل جي پڄاڻي واري تقريب جون تياريون جاري آهن. پاڪستان سپرليگ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر سلمان نصير، پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته تقريب لاءِ اسٽيج جي تياري مڪمل ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ريهرسل جو عمل به جاري آهي، سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن. هن، ڪرڪيٽ شوقينن کي درخواست ڪئي ته هو فائنل جي ڏينهن شام ساڍي 6 وڳي تائين اسٽيڊيم پهچي وڃن ته جئين ميچ کان اڳ رنگارنگ تقريب مان لطف کڻي سگهن. 

مزید خبریں