واشنگٽن – 02 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي هوائي فوج اعلان ڪيو آهي ته قطر پاران صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي تحفي ۾ ڏنل بوئنگ 747 جهاز پنهنجي آزمائشي اڏامون (فلائٽ ٽيسٽنگ) باضابطه طور مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ توقع آهي ته اهي اهو هلندڙ گرمين جي موسم ۾ پنهنجي پهرين اڏام ڀريندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي هوائي فوج پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي جهاز ۾ ترميم …
قطر پاران آمريڪي صدر کي تحفي ۾ ڏنل جهاز جي آزمائش مڪمل، افتتاح لاءِ تيار

مزید خبریں
واشنگٽن – 02 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي هوائي فوج اعلان ڪيو آهي ته قطر پاران صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي تحفي ۾ ڏنل بوئنگ 747 جهاز پنهنجي آزمائشي اڏامون (فلائٽ ٽيسٽنگ) باضابطه طور مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ توقع آهي ته اهي اهو هلندڙ گرمين جي موسم ۾ پنهنجي پهرين اڏام ڀريندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي هوائي فوج پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي جهاز ۾ ترميم ۽ فلائٽ ٽيسٽنگ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ان تي رنگ جو عمل جاري آهي. بيان مطابق اهو جهاز پنهنجي نئين ڳاڙهي، اڇي ۽ نيري رنگ جي ڊيزائن سان هلندڙ گرمين جي موسم ۾ منظر عام تي اچڻ لاءِ تيار آهي. قطر اهو جهاز مئي 2025ع ۾ پيش ڪيو هو جنهن کي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ ان ئي مهيني سمورن وفاقي قاعدن ۽ ضابطن مطابق قبول ڪري ورتو هو. ٻئي پاسي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان جهاز کي قبول ڪرڻ بابت ڪنهن به اخلاقي مسئلي کي رد ڪري چڪو آهي. سندس موقف آهي ته آمريڪي حڪومت لاءِ ان جهاز کي قبول نه ڪرڻ بي وقوفي هوندي.











