اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ چين جي شهر سيانا کان پاڪستان روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري کي سانيا ايئرپورٽ تي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا هائنان جي سينيئر اڳواڻ وانگ چيانگ الوداع ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ چين …
صدر آصف علي زرداري پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ چين کان پاڪستان روانو

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ چين جي شهر سيانا کان پاڪستان روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري کي سانيا ايئرپورٽ تي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا هائنان جي سينيئر اڳواڻ وانگ چيانگ الوداع ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي ۽ چيني پرڏيهي وزارت جا اعلى عملدار پڻ موجود هئا. صدر زرداري جي چين جي دوري دوران هونان ۽ هائنان ۾ صنعتي، زرعي ۽ سامونڊي معيشت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر چين جي دوري دوران شائوشان ۾ چيئرمين مائوزي تنگ جي اباڻي شهر جو دورو ڪيو ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. سي پيڪ 2.0 تحت اندرون ملڪ صنعتي ترقي ۽ بليو اڪانومي تي اڳڀرائي دوري جو اهم محور رهي. چانگشا ۾ دوري دوران پاڪستان ۽ چين جي ادارن جي وچ ۾ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ، زرعي ٽيڪنالاجي ۽ چانهه جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ ٽن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. سانيا ۾ صدر جي موجودگي ۾ مشينري، جانورن جي ويڪسينز ۽ طبي ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن ۽ گڏيل سيڙپڪاري جي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. صدر چانگشا ۽ سانيا ۾ صوبائي سطح تي پارٽي قيادت سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون. صدر آصف علي زرداري سانيا ۾ پاڪ بحريه جي پهرين هنگور ڪلاس آبدوز جي ڪميشننگ تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت پڻ ڪئي. صدر جي دوري سان پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي پس منظر ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.











