اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستاني ۽ چيني ادارن وچ ۾ هڪ جوائنٽ وينچر معاهدي ۽ ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، هي معاهدا تعميراتي مشينري، حيوانات جي صحت ۽ طبي ٽيڪنالاجي جي شعبن جو احاطو ڪن ٿا، انهن سرگرمين جو مقصد اهم شعبن ۾ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب الحسن ٽريڊ …
صدر آصف علي زرداري جي پاڪستان ۽ چين جي ادارن وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستاني ۽ چيني ادارن وچ ۾ هڪ جوائنٽ وينچر معاهدي ۽ ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، هي معاهدا تعميراتي مشينري، حيوانات جي صحت ۽ طبي ٽيڪنالاجي جي شعبن جو احاطو ڪن ٿا، انهن سرگرمين جو مقصد اهم شعبن ۾ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب الحسن ٽريڊ اسٽيبلشمينٽ، ساني انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ۽ هينان جيالونگ انٽرنيشنل ٽيڪنالاجي وچ ۾ اعليٰ معيار جا اوزار، مينوفيڪچرنگ ۽ تعيمراتي مشينري جي شعبن ۾ تعاون لاءِ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. هي ٽه ڌرئي تعاون پاڪ – چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) بابت ڪمن جي مدد، مڪمل تعميراتي مشينري ۽ اوزارن جي فراهمي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ، پيشيوراڻي تربيتي نظام جي ترقي ۽ وڪري کانپوءِ آپريشن ۽ مينٽيننس خدمتن جي فراهمي تي آهي. ڌريون پاڪستان ۾ فيڪٽرين جي قيام لاءِ سيڙپڪاري جي موقعن جو به جائزو وٺندا ۽ تعميراتي مشينري جي مقامي سطح تي پيداوار کي هٿي ڏيندا. مفاهمتي يادداشت تي سينيٽر سليم مانڊوي والا، ساني گروپ جي نائب صدر لي چن ۽ هينان جيالونگ انٽرنيشنل ٽريڊ ڪمپني جي چيئرمين هائو جيالونگ صحيحون ڪيون. سنڌ حڪومت جي لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز واري کاتي ۽ چين جي لو ويانگ مارڊن بايولاجي گروپ وچ ۾ پاڪستان ۾ حيواني ويڪسينز سميت منهن ، کر جي بيماري جي ويڪسين جي فراهمي ۽ ورهاست لاءِ هڪ گڏيل منصوبي جو معاهدو طئي ٿيو. معاهدي ۾ ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ۽ پاڪستان ۾ جانورن لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان مستقبل ۾ تعاون جي به شق شامل آهي. معاهدي تي سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ لوويانگ ماڊرن بايولاجي گروپ جي چيئرمين وانگ شانپو صحيحون ڪيون. هڪ ٻي مفاهمتي يادداشت ڊاڪٽر ضيا الدين اسپتال ۽ شينزن وي بانگ ٽيڪنالاجي وچ ۾ طبي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پروڊڪٽ- سروس – سلوشن تي ٻڌل تعاون جي ماڊل جي جوڙجڪ لاءِ طئي ٿي. اها مفاهمت ڪلينڪل ميڊيسن ۾ ميڊيڪل انٽيليجنٽ روبوٽس جي جديد استعمال تي آهي جنهن جو مقصد پاڪستان جي طبي ۽ صحت جي نظام جي ترقي ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي، مفاهمتي يادداشت تي ڊاڪٽر ضياالدين اسپتال طرفان ڊاڪٽر انوپ ڪمار داواني ۽ شينزن وي بانگ ٽيڪنالاجي جي ڊپٽي جنرل مينيجر ڊينگ هائي تائو صحيحون ڪيون. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ 75 سالن جي دوستي تي ٻڌل هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو سيڙپڪاري بابت خاص مددگار سيد نويد قمر، سنڌ جو چيف سيڪريٽري علي حسن بروهي ۽ چين ۾ پاڪستان جو سفير جليل هاشمي به موجود هئا.











