صدر مملڪت جي اسرائيلي فوج طرفان غزه ويندڙ انساني همدردي جي فلوٽيلا کي روڪڻ جي شديد مذمت

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري يونان ويجهو عالمي پاڻين ۾ اسرائيلي فوج طرفان غزه ويندڙ انساني همدردي جي فلوٽيلا کي روڪڻ جي شديد مذمت ڪندي ان کي غزه ۾ پهرين کان جاري سنگين انساني بحران جي روشني ۾ هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت سمورن حراست هيٺ ڪارڪنن جي سلامتي تي ڳڻتي جو …

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري يونان ويجهو عالمي پاڻين ۾ اسرائيلي فوج طرفان غزه ويندڙ انساني همدردي جي فلوٽيلا کي روڪڻ جي شديد مذمت ڪندي ان کي غزه ۾ پهرين کان جاري سنگين انساني بحران جي روشني ۾ هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت سمورن حراست هيٺ ڪارڪنن جي سلامتي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انهن جي حقن ۽ ڀلائي جو مڪمل احترام يقيني بڻايو وڃي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته انساني امداد جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ قبولڻ جوڳي نه هجڻ گهرجي ۽ غزه ۾ متاثر شهري آبادي تائين امداد جي فوري پهچ کي يقيني بڻايو وڃي. صدر مملڪت عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۽ انساني همدردي جي بنياد تي پهچ ۽ جهاز راني جي آزادي جي اصولن جي تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري

مزید خبریں