مزدورن جون قربانيون ئي منصفاڻي اجرت، مناسب وقتن ۽ باوقار حالتن جهڙن تصورن جو بنياد آهن: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - پهرين مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سڄي ملڪ جي پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته مزدورن جون قربانيون ئي منصفاڻي اجرت، مناسب وقتن ۽ باوقار حالتن جهڙن تصورن جو بنياد آهن، شڪاگو جي مزدورن تاريخي جدوجهد (اٽڪل 140 سال اڳ) ۾ پنهنجي حقن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا ۽ 8 ڪلاڪ ڪم، 8 ڪلاڪ آرام ۽ 8 ڪلاڪ پنهنجي …

اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سڄي ملڪ جي پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته مزدورن جون قربانيون ئي منصفاڻي اجرت، مناسب وقتن ۽ باوقار حالتن جهڙن تصورن جو بنياد آهن، شڪاگو جي مزدورن تاريخي جدوجهد (اٽڪل 140 سال اڳ) ۾ پنهنجي حقن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا ۽ 8 ڪلاڪ ڪم، 8 ڪلاڪ آرام ۽ 8 ڪلاڪ پنهنجي مرضي جي لاءِ جو مطالبو پيش ڪيو جيڪو انساني وقار جي اعتراف جي علامت هو، پاڪستان جو آئين استحصال جي خاتمي ۽ مزدورن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏي ٿو، آئين جو معمار اڳوڻو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو مزدورن جي حقن جي اهميت کان چڱي ريت آگاهه هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پهرين مئي تي ملهائجندڙ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جا پورهيت ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جيڪي شهر تعمير ڪن ٿا، زمينن جي پوکيءَ ڪن ٿا ۽ صنعتن کي پنهنجي محنت سان هلائين ٿا. هن چيو ته مزدور رڳو معيشت جو حصو نه آهن پر ان جو بنياد آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان عالمي معيار موجب مزدورن جي حقن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي جن ۾ منصفاڻي اجرت، سماجي تحفظ، جبري پورهئي ۽ چائيلڊ ليبر جو خاتمو ۽ امتيازي سلوڪ کان پاڪ ماحول شامل آهي. هن چيو ته حڪومت عالمي ليبر آرگنائيزيشن جي ڪنوينشنز ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن ٻاهرئين ملڪ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي اهم ٿنڀ قرار ڏيندي چيو ته انهن جو مٽاسٽا جو ناڻو ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته محفوظ ڪم جي حالتن، منصفاڻي اجرت ۽ برابر موقعن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان حوالي سان وڌيڪ قدم کنيا ويندا ته جيئن هر مزدور باوقار زندگي گذاري سگهي. هن چيو ته حڪومت هنرمندي جي فروع، ٽيڪنيڪي ۽ پيشيواراڻي تعليم، عورتن جي شموليت ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن مزدورن، آجرن، ٽريڊ يونينز، صوبائي حڪومتن ۽ عالمي حصيدارن تي زور ڀريو ته اهي هڪ منصفاڻي ۽ مستحڪم معيشت قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن جتي محنت جو احترام هجي ۽ استحصال جو خاتمو يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته جيڪا قوم پنهنجي مزدورن جو تحفظ ڪري ٿي اها  پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائي ٿي، مزدورن کي بااختيار بڻائڻ پائيدار قومي ترقي جو بنياد آهي.

مزید خبریں