اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت سڄي دنيا جي پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته مزدور ۽ هنرمند افرادي قوت ئي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ اسان جي قابليت، محنت ۽ پيشيواراڻي مهارت جا آئينه دار آهن. پهرين مئي تي ملهائجندڙ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي …
مزدور ۽ هنرمند افرادي قوت ئي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ اسان جي قابليت، محنت ۽ پيشيواراڻي مهارت جا آئينه دار آهن: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت سڄي دنيا جي پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته مزدور ۽ هنرمند افرادي قوت ئي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ اسان جي قابليت، محنت ۽ پيشيواراڻي مهارت جا آئينه دار آهن. پهرين مئي تي ملهائجندڙ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي مزدور ڏهارو انتهائي پرعزم انداز ۾ ملهائي رهيو آهي، آئون مزدورن جي عالمي ڏينهن تي سڄي دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان جي پورهيتن کي انهن جي بي لوث خدمتن تي خراج تحسين ۽ سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مزدور، آبادگار، ڪاريگر، فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ٻين پورهيت طبقن جي قرباني ۽ خاموش استقامت ئي ٻنين کان ڪارخانن تائين، تعميراتي جاين کان ورڪشاپس تائين، مقامي گهٽين کان وٺي عالمي سطح تائين زندگي کي جاري رکي ٿي، معاشري جا اهي ئي بي لوث پورهيت سڀ کان وڏي اعزاز جا مستحق آهن. وزيراعظم چيو ته اسان بحيثيت قوم، پاڪستاني مزدور جي عزم ۽ همت، مشڪلاتن کي برداشت ڪرڻ جي حوصلي ۽ زندگي جي سختين کي وقار سان منهن ڏيڻ جي مثالي جذبي جا شاهد آهيون، مزدور ۽ هنرمند افرادي قوت ئي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ اسان جي قابليت، محنت ۽ پيشيواراڻي مهارت جا آئينه دار آهن. هن چيو ته سمنڊ پار اسان جا لکين پورهيت قومي صلاحيت ۽ ملڪي اساس جا سفير آهن، انهن جي قابليت ۽ محنت سان ڪمايل هڪ هڪ پئسو اسان جي لاءِ فخر جوڳو آهي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني سڄي دنيا ۾ عزت سان پنهنجي روزي به ڪمائين ٿا ۽ ملڪي معاشي استحڪام ۾ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ پنهنجو وڏو حصو به وجهن ٿا، قوم جي مستقبل جي لاءِ انهن جي اها قومي خدمت اسان جي دل تي نقش آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويندڙ هم وطنن جي هنرمندي ۽ پيشيواراڻي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت خصوصي قدم کنيا آهن، وفاقي حڪومت نيشنل اسڪلز ڊيولپمينٽ پاليسي تحت ملڪي صنعت ۽ واپار ۾ هنرمندي جي مخصوص ضرورتن ۽ جديد موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي آهي، ٻاهرئين ملڪ ويندڙ پاڪستانين جي لاءِ خاص طور تي عالمي معيار جي تربيت، زبانن تي عبور ۽ سرٽيفڪيشن کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته جيئن اسان جي افرادي قوت دنيا ۾ باعزت طريقي سان پنهنجو مقام قائم ڪري سگهي. قومي ادارا بشمول ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ مزدورن ۽ انهن جي خاندانن کي پينشن، رهائش، تعليم ۽ ٻيون فلاحي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اچو اڄ جي ڏينهن ان وچن جو ورجاءُ ڪريون ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون، گڏيل ۽ انفرادي سطح تي سمورا ماڻهو، واپاري، صنعتڪار، مزدورن جي حقن جو تحفظ ڪندا. وزيراعظم چيو ته اسان دعاڳو آهيون ته پاڪستان جا پورهيت ائين ئي محنت، مهارت ۽ نيڪ نيتي سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهن ۽ عزم ۽ همت ۽ قومي وقار جي قابل فخر علامت رهن.











