سانيا-پهرين مئي(اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري جيڪو هن وقت چين جي صوبي هينان جي شهر سانيا جي سرڪاري دوري تي آهي، جمهوريه عراق جي نامزد وزيراعظم علي فالح خادم الزيدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عراقي حڪومت جي سربراهه طور وزارت عظميٰ جي اهم منصب تي نامزد ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر نامزد وزيراعظم لاءِ نيڪ …
صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران عراق جي نامزد وزيراعظم سان ٽيليفونڪ رابطو

مزید خبریں
سانيا-پهرين مئي(اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري جيڪو هن وقت چين جي صوبي هينان جي شهر سانيا جي سرڪاري دوري تي آهي، جمهوريه عراق جي نامزد وزيراعظم علي فالح خادم الزيدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عراقي حڪومت جي سربراهه طور وزارت عظميٰ جي اهم منصب تي نامزد ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر نامزد وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي سندس ڪاميابي ۽ هڪ مستحڪم حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته سندس وزيراعظم طور چونڊ عراق جي قيادت تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو ملڪ جي هڪ اهم مرحلي تي سامهون آيو آهي. نامزد وزيراعظم سان ڳالهين دوران صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۽ عراق جا لاڳاپا گڏيل قدرن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن ۽ پاڪستان ان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ٻطرفي اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي وسيع امڪانن جو ذڪر ڪيو جن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي جي شعبي ۾ تعاون، بنيادي ڍانچي جي ترقي، زراعت ۽ تجديد جوڳي توانائي شامل آهن. صدر مملڪت ڊگهي مدي واري حصيداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعليمي تعاون ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي اهميت تي به زور ڀريو. نامزد عراقي وزيراعظم صدر مملڪت آصف علي زرداري جو ٿورو مڃيو ۽ کيس گڏيل طور تي مناسب وقت تي عراق جي دوري جي دعوت ڏني.











