وزيراعظم پاران مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پورهيتن جي حقن ۽ وقار جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف پورهيتن جي حقن ۽ وقار جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ هر پورهيت جو هٿ اسان جي گڏيل مستقبل جو بار کڻي بيٺل آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي قوم جي هر پورهيت کي چاهي اهو ملڪ جي اندر هجي يا …

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف پورهيتن جي حقن ۽ وقار جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ هر پورهيت جو هٿ اسان جي گڏيل مستقبل جو بار کڻي بيٺل آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي قوم جي هر پورهيت کي چاهي اهو ملڪ جي اندر هجي يا ٻاهر خراج تحسين پيش ڪريان ٿو سندن هٿ اسان جي گڏيل مستقبل جو بار کڻي بيٺل آهن. هن چيو ته سج اڀرڻ کان وٺي تتل ٻنپهرن تائين ۽ ان ڊگهي وقتن تائين جڏهن پوري قوم سمهي رهي هوندي آهي پورهيتن جي لگن، ثابت قدمي ۽ خاموش قربانيون اسان جي گهرن کي تعمير ڪنديون آهن، اسان جي صنعتن کي توانائي ڏينديون آهن، اسان جي معيشت کي سهارو ڏينديون آهن ۽ ملڪ کي اڳتي وڌائينديون آهن. وزيراعظم چيو ته يقين ڏياريان ٿو ته اسان جي حڪومت وڌيڪ ۽ بهتر روزگار جا موقعا پيدا ڪري، مزدورن جي حقن کي مضبوط بڻائي ۽ ترقي جا نوان رستا فراهم ڪري هر پورهيت جي وقار جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پورهيتن کي پنهنجي قومي ترجيحن جو محور بڻائيندي اسان هڪ اهڙو پاڪستان تعمير ڪنداسين جيڪو وڌيڪ مضبوط، وڌيڪ منصفاڻو ۽ هر شهري لاءِ اميد سان ڀرپور هجي.

مزید خبریں