حڪومت مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي: سينيٽر اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت مزدورن جي حقن جي تحفظ، محفوظ ۽ صحتمند ڪم واري ماحول جي فراهمي ۽ سمورن شعبن ۾ منصفاڻي اجرت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وفاقي وزير  پاڪستان جي پورهيت طبقي کي خراج …

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت مزدورن جي حقن جي تحفظ، محفوظ ۽ صحتمند ڪم واري ماحول جي فراهمي ۽ سمورن شعبن ۾ منصفاڻي اجرت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وفاقي وزير  پاڪستان جي پورهيت طبقي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني ورڪ فورس جي محنت، مهارت ۽ ثابت قدمي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومت ليبر پروٽيڪشن جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ قومي پاليسين کي عالمي معيارن موجب خاص ڪري انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي اصولن سان هڪجهڙائي ۾ آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اهي سمورا قدم وقار، برابري ۽ گڏيل احترام جي اصولن تحت ڪيا پيا وڃن. هن ان عزم کي ورجايو ته هڪ منصفاڻي باوقار ۽ جامع ماحول جي قيام لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون ته جيئن پورهيتن جي وقار کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ هر ڪارڪن جي خدمتن کي تسليم ڪري سگهجي.

مزید خبریں