حڪومت مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي: چوڌري سالڪ حسين

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته حڪومت مزدورن جي حقن ۽ ڀلائي ۽ تحفظ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، پورهيتن کي سازگار ۽ محفوظ ماحول منصفاڻي اجرت ۽ سماجي تحفظ سميت برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ نه رڳو پاليسي ترجيح آهي پر اسان جي اخلاقي ذميواري پڻ آهي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي …

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي ته حڪومت مزدورن جي حقن ۽ ڀلائي ۽ تحفظ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، پورهيتن کي سازگار ۽ محفوظ ماحول منصفاڻي اجرت ۽ سماجي تحفظ سميت برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ نه رڳو پاليسي ترجيح آهي پر اسان جي اخلاقي ذميواري پڻ آهي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو جن پنهنجي جدوجهد سان مزدورن جي حقن جو بنياد رکيو. هن چيو ته  پورهيت ڪنهن به قوم جي ترقي جو بنيادي ٿنڀ هوندا آهن، ملڪي معيشت، صنعت ۽ عالمي سطح تي ساک ۾ مزدورن جو ڪردار نهايت اهم آهي. حڪومت مزدورن جي ڀلائي ۽ بهتري کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل رکيو آهي، اسان نه رڳو قومي سطح تي پر عالمي سطح تي به مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ موثر ۽ ٺوس قدم کنيا آهن. هن چيو ته عالمي ليبر آرگنائزيشن جي اهم ڪنوينشنز جي توثيق ڪندي پاڪستان مزدورن کي سمورا بنيادي حق فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون، اسان گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدف، خاص ڪري باوقار روزگار، معاشي ترقي ۽ سماجي تحفظ بابت هدفن لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا، اسان جي افرادي سگهه مشڪل حالتون باوجود غير معمولي ثابت قدمي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. گذريل سال سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن واري ترقي واري وزارت مزدورن جي ڀلائي ۽ تحفظ لاءِ اهم قدم کنيا، نمايان ڪاميابين ۾ 7 لک 62 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي پرڏيهه ۾ روزگار جي فراهمي ۽ پورهيتن پاران 40 ارب ڊالرن تائين موڪليل ناڻي ۾ واڌ ۽ اٽلي، قطر، ڏکڻ ڪوريا، بيلاروس، ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن سان ٻطرفا معاهدا ڪري روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا آهن، وزارت مالي مدد ۾ واڌ ڪندي شادي گرانٽ کي 4 لک کان وڌائي 6 لک روپيا ۽ ڊيٿ گرانٽ کي 8 کان 10 لک روپيا ڪري ڇڏيو آهي، تمام جلد اسلام آباد ۾ صنعتي مزدورن کي گهرن ۽ فليٽس جي ميرٽ جي بنياد تي الاٽمينٽ ڪئي ويندي، ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن تحت پينشنرز لاءِ پينشن ۾ نمايان واڌ ڪئي وئي، ان سان گڏ پينشن جي نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ موثر بڻائڻ لاءِ سڌارا به متعارف ڪرايا ويا. وفاقي وزير چيو ته ادارن ۾ ڊجيٽل سڌارا ڪيا ويا آهن، ورڪرز ويلفيئر فنڊ، موبائيل ايپ، ۽ اي – پروٽيڪٽر سسٽم جاري ڪرڻ سان شفافيت ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري آئي آهي.

مزید خبریں