مزدور جو احترام ۽ ان جي حقن جو تحفظ سڀني جي گڏيل ذميواري آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سڀني پورهيت ڀائرن ۽ ڀينرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هو رات ڏينهن جي محنت سان پاڪستان جا بنياد مضبوط بڻائي رهيا آهن. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته اهي ئي باهمت مشڪل حالتن باوجود همت نٿا هارين ۽ پنهنجي جدوجهد سان …

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سڀني پورهيت ڀائرن ۽ ڀينرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هو رات ڏينهن جي محنت سان پاڪستان جا بنياد مضبوط بڻائي رهيا آهن. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته اهي ئي باهمت مشڪل حالتن باوجود همت نٿا هارين ۽ پنهنجي جدوجهد سان ترقي جون نيون راهون هموار ڪن ٿا، اڄ جو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته مزدورن جو احترام ۽ انهن جي حقن جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. وفاقي وزير چيو ته اچو ته اسان وچن ڪريون ته اسان هڪ اهڙي پاڪستان لاءِ ڪم ڪنداسين جتي هر پورهيت کي انصاف، عزت ۽ بهتر زندگي جا موقعا ميسر هجن.

مزید خبریں