منصفاڻي اجرت ۽ محفوظ ماحول پورهيتن جو آئيني حق آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي مزدورن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته منصفاڻي اجرت محفوظ ۽ انساني ڪم جون حالتون، سماجي انصاف، پورهيتن جو آئيني حق آهن جن کي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان موجب پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيف جسٽس چيو ته مزدورن جو عالمي ڏهاڙي اسان کي نه رڳو پورهيتن جي …

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي مزدورن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته منصفاڻي اجرت محفوظ ۽ انساني ڪم جون حالتون، سماجي انصاف، پورهيتن جو آئيني حق آهن جن کي هر صورت ۾ يقيني بڻائڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان موجب پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيف جسٽس چيو ته مزدورن جو عالمي ڏهاڙي اسان کي نه رڳو پورهيتن جي خدمتن کي ساراهڻ جو موقعو ڏي ٿو پر اهو به ياد ڏياري ٿو ته کين فراهم ڪيل انصاف ۽ قانوني تحفظ جو معيار ڪهڙو آهي، هن چيو ته ڪنهن به قوم جي حقيقي طاقت ان جي پورهيت طبقي کي ڏنل وقار مان ظاهر ٿئي ٿي. چيف جسٽس چيو ته پاڪستان ۾ لکين پورهيت پنهنجي محنت ۽ مهارت سان معيشت کي سهارو ڏئي رهيا آهن، ان لاءِ انهن جي حقن جو تحفظ رياست ۽ ادارن جي بنيادي ذميواري آهي. هن زور ڀريو ته آئين ۾ ڏنل ضمانتن کي عملي شڪل ڏيڻ اڻٽر آهي ته جيئن هر مزدور کي حقيقي رليف ملي سگهي. هن چيو ته عدليه ليبر قانونن جي موثر ۽ حقيقتن تي ٻڌل تشريح ذريعي پورهيتن جي استحصال جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جڏهن ته بدليل معاشي صورتحال، غير رسمي شعبي جي پکيڙ ۽ ڊجيٽل معيشت جي روشني ۾ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. چيف جسٽس ان عزم کي ورجايو ته ليبر معاملن ۾ انصاف تائين رسائي کي بهتر بڻايو ويندو، تڪرارن جي فوري حل کي هٿي ڏني ويندي ۽ جبري پورهيو، چائلڊ ليبر ۽ غير محفوظ ڪم واري ماحول خلاف تحفظ کي وڌيڪ موثر بڻايو ويندو. هن چيو ته هڪ منصفاڻو ۽ انساني ليبر نظام ئي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني کي مضبوط بڻائي ٿو ۽ مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ان عزم جي تجديد جو موقعو آهي ته هر پورهيت کي عزت، تحفظ ۽ برابري جا موقعا فراهم ڪيا وڃن.

مزید خبریں