اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته بندرگاهي مزدورن جي ڀلائي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مزدورن بندرگاهي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، مزدورن جي حقن جو تحفظ ۽ سهولتن ۾ واڌ حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته مزدورن جي حقن جو تحفظ …
بندرگاهي مزدورن جي ڀلائي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: محمد جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته بندرگاهي مزدورن جي ڀلائي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مزدورن بندرگاهي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، مزدورن جي حقن جو تحفظ ۽ سهولتن ۾ واڌ حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته مزدورن جي حقن جو تحفظ ۽ سهولتن ۾ واڌ حڪومتي پاليسي جو حصو آهي ۽ مزدورن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٺوس قدم جاري آهن. وفاقي وزير چيو ته پورٽ ورڪرز جي تربيت ۽ روزگار جي موقعن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڪراچي پورٽ تي سينيٽر ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مزدورن لاءِ جديد طبي سهولتون ۽ سالياني هيلٿ چيڪ اپ پروگرام جاري آهي، بندرگاهي نظام ۾ بهتري سان مزدورن جي زندگي جي معيار ۾ وڌيڪ واڌارو ايندو.










