فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع، پاڪ فوج جو دشمن کي واضح پيغام

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)پاڪ فوج ملڪي سرحدن جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ هر پل چوڪس ۽ هر وقت تيار آهي. تفصيل موجب سپهه سالار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پهرين مئي ڪوٽله فائرنگ رينج جو دورو ڪري آپريشنل تيارين جو جائزو ورتو، تربيتي مشقن ۾ جديد هٿيارن، جامع منصوبابندي ۽ جنگ جي ميدان ۾ فوري رد عمل جو عملي مظاهرو ڪيو ويو. عسڪري قيادت دشمن کي پاڪستان جي علائقائي …

اسلام آباد-پهرين مئي(اي پي پي)پاڪ فوج ملڪي سرحدن جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ هر پل چوڪس ۽ هر وقت تيار آهي. تفصيل موجب سپهه سالار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پهرين مئي ڪوٽله فائرنگ رينج جو دورو ڪري آپريشنل تيارين جو جائزو ورتو، تربيتي مشقن ۾ جديد هٿيارن، جامع منصوبابندي ۽ جنگ جي ميدان ۾ فوري رد عمل جو عملي مظاهرو ڪيو ويو. عسڪري قيادت دشمن کي پاڪستان جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري تي ڪا به رهڙ برداشت نه ڪرڻ جو واضح پيغام ڏنو. پاڪ فوج پنهنجي عسڪري صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڪري ڀارت کي ڪنهن به مهم جوئي کان پري رهڻ جي تنبيهه ڪئي. عالمي ماهرن موجب پاڪ فوج جامع جنگ حڪمت عملي ۽ پيشيوراڻي مهارت سان هر ڀيري ڀارت جو جنگي جنون مٽي ۾ ملائي چڪي آهي، هٿياربند فوج جون مضبوط دفاعي تياريون، علائقائي استحڪام ۽ طاقت جو توازن برقرار رکڻ جي پاليسي جي عڪاسي آهن.

مزید خبریں