ڪراچي-پهرين مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي دنيا جي پورهيتن کي سرخ سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پورهيت طبقو سماج جي ترقي ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته سنڌ حڪومت مزدور دوست پاليسين ذريعي پورهيتن جي زندگيءَ جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ لاڳيتو قدم کڻي رهي …
پورهيت طبقو سماج جي ترقي ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-پهرين مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي دنيا جي پورهيتن کي سرخ سلام پيش ڪندي چيو آهي ته پورهيت طبقو سماج جي ترقي ۽ معيشت جي مضبوطي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته سنڌ حڪومت مزدور دوست پاليسين ذريعي پورهيتن جي زندگيءَ جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ لاڳيتو قدم کڻي رهي آهي۔ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته مزدورن جي استحصال جي خاتمي لاءِ سنڌ اسيمبلي تاريخي قانون سازي ڪئي آهي، جڏهن ته “بينظير مزدور ڪارڊ” ذريعي لکين خاندانن کي سماجي تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي.سندس چوڻ هو ته پورهيت طبقو سندس هٿ ۽ ڪلهو آهن ۽ انهن جي حقن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ملڪ جو پهريون صوبو آهي جتي زرعي پورهيتن جي حقن کي قانوني تحفظ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ٿر ڪوئلي منصوبن کان وٺي ڪراچي جي صنعتن تائين هر ڦيٿو مزدورن جي محنت ۽ همت سان هلي رهيو آهي، تنهنڪري انهن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڙي تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير چيو ته پي پي پي جو منشور ”روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان“پورهيتن جي خوشحالي سان ڳنڍيل آهي. وڏي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن شڪاگو مزدور تحريڪ جي شهيدن سان گڏ پنهنجي ملڪ جي محنتي مزدورن سان عزم جي نئين تجديد جو ڏينهن آهي. هن زور ڀريو ته صنعتي امن ۽ معاشي استحڪام مزدورن جي خوشحالي کانسواءِ ممڪن ناهي.آخر ۾ سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته مزدورن جي ٻارن لاءِ تعليم ۽ صحت جون سهولتون وڌيڪ بهتر ڪيون وينديون، جڏهن ته پورهيتن کي هنرمند بڻائي عالمي مارڪيٽ جي گهرجن مطابق تيار ڪيو پيو وڃي۔ هن چيو ته سنڌ جي پورهيتن هر ڏکئي گهڙي ۾ ملڪ جي معيشت کي سهارو ڏنو آهي ۽ انهن جي محنت ئي سنڌ جي ترقي جو اصل راز آهي.











