ڪراچي -پهرين مئي (اي پي پي) مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پورهيت طبقو ڪنهن به معاشري جي ترقي جو بنياد هوندو آهي. هن چيو ته مزدورن جي قربانين، جدوجهد ۽ اڻٿڪ محنت کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي۔هن وڌيڪ چيو ته شڪاگو جي شهيدن جي قرباني دنيا جي پورهيتن لاءِ جدوجهد …
پورهيت طبقو ڪنهن به معاشري جي ترقي جو بنياد هوندو آهي، مزدورن جي قربانين ۽ اڻٿڪ جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي -پهرين مئي (اي پي پي) مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پورهيت طبقو ڪنهن به معاشري جي ترقي جو بنياد هوندو آهي. هن چيو ته مزدورن جي قربانين، جدوجهد ۽ اڻٿڪ محنت کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي۔هن وڌيڪ چيو ته شڪاگو جي شهيدن جي قرباني دنيا جي پورهيتن لاءِ جدوجهد جي هڪ نئين راهه متعين ڪئي، جنهن جي ڪري اڄ مزدورن جا حق عالمي سطح تي تسليم ڪيا وڃن ٿا۔سينيئر وزير چيو ته پي پي ۽ ان جي حڪومتِ هميشه پورهيتن ۽ هارين جي ڀلائي کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکيو آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت سنڌ مزدورن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافو، ليبر قانونن تي سختي سان عملدرآمد ۽ صحت سميت مالي سهولتن جي فراهمي جهڙا اهم قدم کنيا آهن۔شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ٽيڪنيڪل ٽريننگ پروگرامز، روزگار جا موقعا ۽ عورت مزدورن لاءِ خاص سهولتون مهيا ڪرڻ حڪومت سنڌ جي مزدور دوست پاليسين جو چٽو ثبوت آهن. آخر ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت جا اهي قدم ان عزم جو اظهار آهن ته مزدور ۽ هاري طبقي کي مضبوط بڻائي هڪ منصفاڻو ۽ خوشحال معاشرو قائم ڪيو وڃي.











