سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پاران مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پورهيت طبقي کي خراج تحسين پيش

ڪراچي-پهرين مئي (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پورهيت طبقي کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي اسپيڪر چيو ته پورهيت طبقو ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ۽ انهن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي۔ هن وڌيڪ چيو ته مزدورن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ کين محفوظ ڪم ڪندڙ ماحول فراهم ڪرڻ …

ڪراچي-پهرين مئي (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پورهيت طبقي کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي اسپيڪر چيو ته پورهيت طبقو ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ۽ انهن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي۔ هن وڌيڪ چيو ته مزدورن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ کين محفوظ ڪم ڪندڙ ماحول فراهم ڪرڻ رياست جي بنيادي ذميواري آهي.سيد اويس قادر شاهه واضح ڪيو ته سنڌ اسيمبلي مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ قانون سازي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.هن چيو ته مزدورن جو عالمي ڏهاڙو اسان کي محنت، قرباني ۽ جدوجهد جي اهميت جو احساس ڏياريندو آهي.اسپيڪر زور ڀريو ته مزدورن جي مسئلن جي حل ۽ سندن زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل ۽ موثر قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

مزید خبریں