موسمياتي ۽ ترقياتي فريم ورڪ جي حوالي سان پاليسي ترجيحن کي عمل جوڳي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ ضروري آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي ۽ ترقياتي فريم ورڪ جي حوالي سان پاليسي سڌارن کي عمل جوڳن منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ ضروري آهي، پاڪستان جي پائيدار ترقياتي ايجندا کي اڳتي وڌائڻ ۾ عالمي مالياتي ادارن سان حصيداري اهم ڪردار ادا ڪندي. هن اها ڳالهه صدر انسٽيٽيوٽ آف فنانس اينڊ سسٽينبلٽي ڊاڪٽر ماجون سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. …

اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي ۽ ترقياتي فريم ورڪ جي حوالي سان پاليسي سڌارن کي عمل جوڳن منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ ضروري آهي، پاڪستان جي پائيدار ترقياتي ايجندا کي اڳتي وڌائڻ ۾ عالمي مالياتي ادارن سان حصيداري اهم ڪردار ادا ڪندي. هن اها ڳالهه صدر انسٽيٽيوٽ آف فنانس اينڊ سسٽينبلٽي ڊاڪٽر ماجون سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پائيدار مالياتي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ، گرين سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ پاڪستان جي معيشت کي موسمياتي تبديلين موجب وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزير وفد جي آجيان ڪندي پاڪستان ۽ چين جي ادارن وچ ۾ پائيدار ماليات ۽ ترقياتي تعاون جي شعبي ۾ پراڻي ۽ مضبوط رابطن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زورڀريو ته موثر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ عملدرآمد جي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ ۽ اداره جاتي تياري کي بهتر بڻائڻ نهايت اهم آهي. پاڪستان تازو ئي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ذريعي پنهنجي گرين ٽيڪسونومي کي فعال ڪري ڇڏيو آهي جيڪو عالمي بهترين طريقيڪار ۽ گڏيل تعاون جو نتيجو آهي، ناڻي واري وزير پاڪستان طرفان موسمياتي ۽ ترقياتي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ جي جاري ڪوششن تي به روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته پاليسي ترجيحن کي عمل جوڳن منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ نهايت ضروري آهي، جيتوڻيڪ مالي وسيلن جا ذريعا آهستي وڌي رهيا آهن جڏهن ته منصوباسازي، مختلف حصيدارن وچ ۾ هم آهنگي ۽ وقت سر عملدرآمد تي وڌيڪ ڌيان گهربل آهي ته جيئن دستياب وسيلن جو موثر استعمال يقيني بڻائي سگهجي. معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي ناڻي واري وزير سڌارن جي ايجنڊا جو خاڪو پيش ڪيو جنهن جو مقصد پائيدار ماليات کي هٿي ڏيڻ، ڪيپيٽل مارڪيٽس کي وڌائڻ ۽ زراعت، توانائي سميت موسمياتي لحاظ کان مضبوط بنيادي ڍانچي جهڙن اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ آهي.  ڊاڪٽر موجون ماحول دوست مالياتي کي هٿي وٺرائڻ بابت عالمي تجربا شيئر ڪيا ۽ ٻڌايو ته ٽيڪسونومي، صلاحيت سازي قدمن ۽ گڏيل مالياتي ماڊلز ماحول دوست ۽ واپاري لحاظ کان قابل عمل منصوبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن اسرندڙ ملڪن جي مدد لاءِ جاري ڪوششن جو به ذڪر ڪيو جن جو مقصد سيڙپڪاري جي منصوبن کي هٿي ڏيڻ ۽ کين مالي مدد لاءِ تيار ڪرڻ آهي، ان روشني ۾ هن مالياتي ادارن ۽ نجي شعبي سان تعاون وڌائڻ سميت مختلف امڪانن تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير سندس خيالن جي آجيان ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سيڙپڪار جي قابل منصوبن جي هڪ مضبوط فهرست تيار ڪرڻ ضروري آهي جنهن لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي وچ ۾ مضبوط تعاون گهربل هوندو. هن چيو ته مالياتي ادارن ۽ مارڪيٽ جي حصيدارن سان ويجها رابطا، پاليسين کي عملي نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهن. ناڻي واري وزير موسمياتي مالياتي اوزارن جي تياري جي جاري قدمن سميت امڪاني ڪيپيٽل مارڪيٽ منصوبن جو به ذڪر ڪيو ۽ عالمي مالياتي ادارن سان حصيداري پاڪستان جي پائيدار ترقياتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته فني تعاون ڄاڻ جي مٽاسٽا، منظم ڀائيواري ذريعي پاڪستان کي هڪ وڌيڪ مستحڪم، جامع ۽ پائيدار معاشي رخ طرف وٺي وڃي سگهجي ٿو.

مزید خبریں