اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان جون وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، جنگبندي جي ڪوششن سميت آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ استحڪام جي وسيع تر ڪوششن جي حمايت ۾ تعميري سفارتي ڪوششون جاري آهن، گذريل ٻن هفتن ۾ واشنگٽن ۽ تهران سان اسان جي مسلسل ڳالهه ٻولهه برقرار رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس …
پاڪستان جون وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، جنگبندي جي ڪوششن سميت آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ استحڪام جي وسيع تر ڪوششن جي حمايت ۾ تعميري سفارتي ڪوششون جاري آهن: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان جون وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، جنگبندي جي ڪوششن سميت آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ استحڪام جي وسيع تر ڪوششن جي حمايت ۾ تعميري سفارتي ڪوششون جاري آهن، گذريل ٻن هفتن ۾ واشنگٽن ۽ تهران سان اسان جي مسلسل ڳالهه ٻولهه برقرار رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس بريفنگ ۾ ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان علائقائي استحڪام ۽ عالمي امن جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو پيچيده جاگرافيائي سياسي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ پيچيده تڪرارن جي انتظام جي لاءِ اصولي ۽ ڳالهه ٻولهه تي ٻڌل سفارتڪاري جي اسان جي ترجيح جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته ان ڏس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏوگڏ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي فعال شموليت سان پاڪستان لاڳاپيل ڌرين سان رابطي جي کليل ذريعن کي برقرار رکيو آهي. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيزشڪيان سان 19 اپريل تي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم ايراني صدر کي سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه جي قيادت سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان پنهنجي تازين ملاقاتن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم هن هفتي تهران جي دوري دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان تعميري ڳالهه ٻولهه تي ايراني قيادت جا ٿورا پڻ ادا ڪيا. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته دوستن ۽ حصيدارن جي حمايت سان پاڪستان علائقائي امن ۽ سلامتي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي مخلصاڻي ڪوششن جي لاءِ پوري طرح پرعزم رهندو. وزيراعظم ايراني قيادت جا ان ڳالهه تي پڻ ٿورا مڃيا ته هن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تهران جي دوري دوران تعميري ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گذريل ڏينهن يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا پاران پڻ ٽيليفون آئي، ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم انتونيو ڪوسٽا کي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ امن جي لاءِ جاري قدمن بابت تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته 25 اپريل تي وزيراعظم ايراني صدر پيزشڪيان سان هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن خطي جي موجوده صورتحال ۽ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ جاري ڪوششن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











