ڪمپالا ۾ حراست هيٺ 27 پاڪستاني اڄ يوگنڊا کان پاڪستان روانا ٿي رهيا آهن: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڪمپالا ۾ حراست هيٺ پاڪستانين جي حوالي سان چيو آهي ته 27 پاڪستاني اڄ خميس ڏينهن يوگنڊا کان پاڪستان روانا ٿي رهيا آهن. هتي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وڌيڪ اٽڪل 30 ٻيا پاڪستاني پڻ جلد پنهنجي هوائي ٽڪيٽن جو انتظام ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ترجمان چيو ته باقي ماڻهو به روانا ٿي ويندا …

اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڪمپالا ۾ حراست هيٺ پاڪستانين جي حوالي سان چيو آهي ته 27 پاڪستاني اڄ خميس ڏينهن يوگنڊا کان پاڪستان روانا ٿي رهيا آهن. هتي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وڌيڪ اٽڪل 30 ٻيا پاڪستاني پڻ جلد پنهنجي هوائي ٽڪيٽن جو انتظام ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ترجمان چيو ته باقي ماڻهو به روانا ٿي ويندا ڇو ته اهي ويزٽ ويزا تي آيل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اميگريشن عملدارن هر ماڻهو تي ڏنڊ هنيو آهي جڏهن ته پاڪستان جو سفارتي عملو يوگنڊا جي عملدارن سان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي ته جيئن اهو ڏنڊ معاف ڪرائي سگهجي.

مزید خبریں