سانيا - 30 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين “هر موسم جا اسٽريٽجڪ حصيدار” آهن ۽ چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي جنهن کي عوامي ۽ اداراجاتي سطح تي وسيع حمايت حاصل آهي، هلندڙ سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي ۽ ان حوالي سان جاري تقريبون ٻطرفي …
پاڪستان ۽ چين “هر موسم جا اسٽريٽجڪ حصيدار” آهن، چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
سانيا – 30 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين “هر موسم جا اسٽريٽجڪ حصيدار” آهن ۽ چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي جنهن کي عوامي ۽ اداراجاتي سطح تي وسيع حمايت حاصل آهي، هلندڙ سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي ۽ ان حوالي سان جاري تقريبون ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ٿينديون، چين جي صوبي هائنان جي سياحت، هاءِ ٽيڪ صنعت ۽ زراعت ۾ ترقي کي گڏيل تعاون جو عملي موقعو قرار ڏيندي هائنان جي ڪمپنين ۽ پاڪستان جي صنعتي ۽ برآمدي شعبن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو ته جيئن ٻطرفي واپار ۾ اضافو ٿي سگهي، سانيا ۾ منعقد ڇهين ايشين بيچ گيمز ۾ پاڪستاني رانديگرن جي شرڪت مثبت اڳڀرائي آهي، هائنان قيادت سان واپار ۽ سيڙپڪاري جا رابطا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر آصف علي زرداري چين جي دوري دوران هائنان جي پارٽي سيڪريٽري فينگ فئي، صوبي جي گورنر ليو شيائومنگ ۽ شهر سانيا جي پارٽي سيڪريٽري وانگ چي يانگ سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ هائنان جي وچ ۾ معاشي تعاون کي فروغ ڏيڻ، واپاري رابطا وڌائڻ ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر هائنان حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني کي ساراهيندي ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته هائنان عالمي واپار ۽ سيڙپڪاري جي هڪ اهم گيٽ وي جي طور تي تيزي سان اڀريو آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ چين “هر موسم جا اسٽريٽجڪ حصيدار” آهن ۽ چين سان دوستي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي جنهن کي عوامي ۽ اداراجاتي سطح تي وسيع حمايت حاصل آهي. هن چيو ته هلندڙ سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي ۽ ان ڏس ۾ جاري تقريبون ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ٿينديون. هن هائنان جي سياحت، هاءِ ٽيڪ صنعت ۽ زراعت ۾ ترقي کي گڏيل تعاون جو عملي موقعو قرار ڏيندي هائنان جي ڪمپنين ۽ پاڪستان جي صنعتي ۽ برآمدي شعبن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي زور ڏنو ته جيئن ٻطرفي واپار ۾ اضافو ٿي سگهي. هن عوامي سطح تي رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ۽ سانيا ۾ منعقد ڇهين ايشين بيچ گيمز ۾ پاڪستاني رانديگرن جي شرڪت کي هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. صدر چين خاص طور تي هائنان سان زراعت، بندرگاهن جي ترقي، ٻج ٽيڪنالاجي ۽ ماهيگيري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني ۽ چيني تهذيبن جي وچ ۾ صدين تي ٻڌل رابطا موجود آهن ۽ ٻئي ملڪ مستقبل ۾ به گڏيل ترقي جي راهه تي گامزن رهندا. صدر چيو ته سندس خاندان جا چين سان لاڳاپا ٽن نسلن تي ٻڌل آهن جن جي شروعات سندس مرحوم سُهري ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کان ٿي ۽ هاڻي سندس فرزند بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري تائين جاري آهي. ٻنهي ڌرين علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ امن، استحڪام، ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پارٽي سيڪريٽري فينگ فئي صدر ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چين سان پاڪستان جي پراڻي دوستي کي ساراهيو. هن هائنان جي فري ٽريڊ پورٽ جي طور تي ترقي ۽ عالمي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ ان جي وڌندڙ ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته ڊسمبر 2025ع ۾ خصوصي ڪسٽمز آپريشنز جي شروعات کانپوءِ هائنان ۾ غيرملڪي سيڙپڪارن جي انگ ۽ درآمدي شين جي ماليت ۾ اضافو ٿيو آهي. هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ هائنان چين جي سڀ کان وڌيڪ فعال خطن ۾ شامل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته انهي عرصي دوران پاڪستان ۽ هائنان جي وچ ۾ واپار اٽڪل ٻيڻو ٿي چڪو آهي. سيڪريٽري فينگ چيو ته هن وقت هائنان جي مختلف يونيورسٽين ۾ 500 کان وڌيڪ پاڪستاني شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن ۽ صدر جو هي دورو ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي، خصوصي اهميت رکندڙ آهي. هن وڌيڪ چيو ته چين جي سڀ کان وڏي ٻج افزائش ليبارٽري هائنان ۾ موجود آهي جتي بائيو ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت سميت جديد ٽيڪنالاجيز استعمال ٿي رهيون آهن ۽ ان شعبي ۾ پاڪستان سان تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن مختلف شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر موسم جي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي چين جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، علي حسن بروهي، سيد قاسم نويد قمر، سنڌ جي وڏي وزير جو سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص معاون، چيف سيڪريٽري سنڌ، پاڪستان ۾ چين جو سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي سميت ٻيا عملدار پڻ شريڪ هئا. ملاقات کانپوءِ صدر جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو ويو.











