پهرين مئي رڳو هڪ ڏينهن نه آهي پر محنت، جدوجهد، انساني وقار ۽ سماجي انصاف جو عزم ورجائڻ جو ڏينهن آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پهرين مئي رڳو هڪ ڏينهن نه آهي پر محنت، جدوجهد، انساني وقار ۽ سماجي انصاف جو عزم ورجائڻ جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن سڄي دنيا ۾ پورهيتن سان يڪجهتي جي اظهار جي طور تي ملهايو وڃي ٿو ۽ اسان کي ان عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو جيڪي مزدورن پنهنجا بنيادي حق حاصل …

اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پهرين مئي رڳو هڪ ڏينهن نه آهي پر محنت، جدوجهد، انساني وقار ۽ سماجي انصاف جو عزم ورجائڻ جو ڏينهن آهي، هي ڏينهن سڄي دنيا ۾ پورهيتن سان يڪجهتي جي اظهار جي طور تي ملهايو وڃي ٿو ۽ اسان کي ان عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو جيڪي مزدورن پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پيش ڪيون. مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته پهرين مئي جي تاريخي اهميت آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ پيش ايندڙ “هئي مارڪيٽ” سان ڳنڍيل آهي جتي مزدورن 8 ڪلاڪن جي لاءِ پرامن احتجاج ڪيو. ان دوران پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي سڄي دنيا ۾ مزدور تحريڪ کي هڪ نئون رخ ڏنو ۽ انهن ئي قربانين جي ياد ۾ پهرين مئي کي مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي طور تي ملهايو ويو. وقتي صدر چيو ته قومي ترقي، معاشي استحڪام ۽ پائيدار خوشحالي جو خواب پورهيت طبقي جي ڏينهن رات محنت ۽ لڳاءُ سان واڳيل آهي، پورهيت حقيقت ۾ ڪنهن به معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي هوندا آهن ۽ انهن جي ڀلائي کانسواءِ ترقي جو ڪو تصور مڪمل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته دين اسلام ۽ پاڪستان جو آئين ٻئي پورهيتن جي احترام، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ سماجي انصاف جي فراهمي تي زور ڏين ٿا، رياست جي بنيادي ذميواري آهي ته مزدورن کي باعزت روزگار، مصنفاڻي اجرت، سماجي تحفظ ۽ محفوظ ڪم جو ماحول فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي باوقار زندگي گذاري سگهن. وقتي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پارليامينٽ سدائين مزدورن ۽ ڪمزور طبقن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ موثر آواز بلند ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان قانونسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پارليامينٽ مزدور دوست قانونن، بهتر اجرت، سماجي تحفط، محفوظ ڪم جو ماحول ۽ فلاحي قدمن جي فروغ جي لاءِ پنهنجون آئيني ذميواريون بهتر انداز ۾ ادا ڪري رهيو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پورهيتن جي ڀلائي لاءِ قانونسازي، اداراجاتي سڌارن ۽ سماجي تحفظ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو ته جيئن انهن جي مسئلن جو پائيدار ۽ موثر حل يقيني بڻائي سگهجي. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اهي پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي حقن جو تحفظ به حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. آخر ۾ هن چيو ته مزدورن جو عالمي ڏهاڙو اسان کي پورهيتن جي خدمتن کي تسليم ڪرڻ، انهن جي جدوجهد کي ساراهڻ ۽ انهن سان يڪجهتي جي اظهار جو موقعو فراهم ڪري ٿو، موجوده عالمي معاشي حالتن جي ڏس ۾ هن ڏينهن جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پارليامينٽ مزدورن جي حقن، سماجي انصاف ۽ هڪ منصفاڻو ۽ برابر معاشرو قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا.

مزید خبریں