اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري وفد سان گڏ معرڪه حق جي شهيد اسڪوارڊرن ليڊر عثمان جي گهر وڃي شهيد اسڪوارڊرن ليڊر عثمان يوسف جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪئي ۽ شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو، تفصيل موجب خواجه محمد آصف چيو ته اسڪوارڊرن ليڊر شهيد عثمان يوسف وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي حياتي …
وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پاران معرڪه حق جي شهيد اسڪوارڊرن ليڊر عثمان جي گهر آمد، شهيد کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري وفد سان گڏ معرڪه حق جي شهيد اسڪوارڊرن ليڊر عثمان جي گهر وڃي شهيد اسڪوارڊرن ليڊر عثمان يوسف جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪئي ۽ شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو، تفصيل موجب خواجه محمد آصف چيو ته اسڪوارڊرن ليڊر شهيد عثمان يوسف وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي حياتي جو نذرانو پيش ڪري قوم جو ڳاٺ فخر سان اونچو ڪيو . ان موقعي تي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته شهيدن جون قربانيون قوم جي عزم ۽ حوصلي جي نشاني آهن. وفد جي ميمبرن اسڪوارڊرن ليڊر عثمان يوسف شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ پڻ دعا ڪئي.











