اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان چيو آهي ته وڪيل برادري عدالتي نظام جو بنيادي ٿنڀ آهي ۽ انصاف جي وقت تي اثرائتي فراهمي لاءِ بار ۽ بينچ وچ ۾ مضبوط ۽ لڳاتار سهڪار ضروري آهي. اها ڳالهه هن ملتان بار ايسوسيئيشن جي 13 رڪني وفد سان ملاقات دوران چئي. وفاقي آئيني عدالت مان جاري ڪيل بيان موجب ملاقات خوشگوار تعميري …
وڪيل برادري عدالتي نظام جو بنيادي ٿنڀ آهي: جسٽس امين الدين خان

مزید خبریں
اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان چيو آهي ته وڪيل برادري عدالتي نظام جو بنيادي ٿنڀ آهي ۽ انصاف جي وقت تي اثرائتي فراهمي لاءِ بار ۽ بينچ وچ ۾ مضبوط ۽ لڳاتار سهڪار ضروري آهي. اها ڳالهه هن ملتان بار ايسوسيئيشن جي 13 رڪني وفد سان ملاقات دوران چئي. وفاقي آئيني عدالت مان جاري ڪيل بيان موجب ملاقات خوشگوار تعميري ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ قانوني پيشي کي درپيش ڏکيائين، عدالتي نظام جي بهتري ۽ اداره جاتي سڌارن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. چيف جسٽس امين الدين خان ان موقعي تي چيو ته وفاقي آئيني عدالت انصاف جي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ مختلف سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي، جن ۾ عدالتي نظام جي ڊجيٽلائيزيشن، ڪيسن جي وقت تي فيصلن کي يقيني بڻائڻ ۽ اداره جاتي ڪارڪردگي ۾ بهتري شامل آهي. هن چيو ته بار ۽ بينچ جو گڏيل سهڪار نه صرف عدالتي نظام جي بهتري لاءِ ضروري آهي پر اهو آئيني حڪمراني ۽ قانون جي بالادستي جي اصولن کي پڻ مضبوط ڪري ٿو. ملاقات دوران چيف جسٽس امين الدين خان کي ملتان بار ايسو سيئيشن جي سيڪريٽري بار جي ڪارڪردگي کان آگاه ڪيو ۽ ٻڌايو ته التوا هيٺ اٽڪل 40 هزار ڪيسن مان 10 هزار ڪيس اڪلايا ويا آهن جن سان وقت تي انصاف جي فراهمي لاءِ بارجي ڪوششن جي عڪاسي ٿئي ٿي. ملاقات دوران چيف جسٽس کي ملتان بار ايسو سيئيشن جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪيو. دوري جي پڄاڻي تي وفد خير سگالي طور چيف جسٽس کي اجرڪ ۽ ملتاني ٽوپي پيش ڪئي.











