سنڌ جي وڏي وزير جو ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان گڏ يونيورسٽي روڊ جو دورو

ڪراچي-30 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح سوير 6 وڳي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان گڏ يونيورسٽي روڊ جو دورو ڪيو، جتي هن بي آر ٽي منصوبي سميت ٻين جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو. دوري دوران ايف ڊبليو او جي عملدارن وزيراعليٰ کي منصوبي جي رفتار، معيار ۽ تڪميل بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، ايم …

ڪراچي-30 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صبح سوير 6 وڳي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان گڏ يونيورسٽي روڊ جو دورو ڪيو، جتي هن بي آر ٽي منصوبي سميت ٻين جاري ترقياتي ڪمن جو تفصيلي جائزو ورتو. دوري دوران ايف ڊبليو او جي عملدارن وزيراعليٰ کي منصوبي جي رفتار، معيار ۽ تڪميل بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ موجود هئا. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ڪراچي جي اهم شاهراهن جي بحالي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ شهر جي انفراسٽرڪچر کي جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.هن هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪمن ۾ معيار ۽ رفتار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو وڃي ته جيئن شهري جلد کان جلد سهولتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن.

مزید خبریں