ڊي سي لاڙڪاڻو جي هدايتن تي غير قانوني ٽرانسپورٽ اڏن خلاف آپريشن، ڪيترائي اڏا سِيل

لاڙڪاڻو - 30 اپريل (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي هدايتن تي  اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا خان قريشي ضلعي ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيءَ سان گڏجي غير قانوني ٽرانسپورٽ اڏن خلاف آپريشن ڪيو. آپريشن دوران خلاف ورزين تي ڪيترائي ڪوچ اڏا سيل ڪيا ويا. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ضابطن تي عمل ڪرائڻ ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ٻئي پاسي، ڊپٽي …

لاڙڪاڻو – 30 اپريل (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي هدايتن تي  اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا خان قريشي ضلعي ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيءَ سان گڏجي غير قانوني ٽرانسپورٽ اڏن خلاف آپريشن ڪيو. آپريشن دوران خلاف ورزين تي ڪيترائي ڪوچ اڏا سيل ڪيا ويا. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ضابطن تي عمل ڪرائڻ ۽ عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

ٻئي پاسي، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو  طارق منظور چانڊيو جي ئي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا خان قريشي سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي سهڪار سان ان هنڌ تان تعميراتي سامان هٽرائي ڇڏيو، جتي هڪ ٽرڪ جي ٽڪر سبب 11 ڪي وي بجلي جي لائن کي نقصان پهتو هو.

مزید خبریں