اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تازي صورتحال کي نظر ۾ رکندي معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي ريليف جي فراهمي جي تسلسل کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي موٽرسائيڪل سوارن، پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جي لاءِ گذريل مهيني ڏني ويندڙ سبسڊي ۾ هڪ مهيني جي وڌيڪ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ مال بردار گاڏين جي …
وزيراعظم پاران تازي صورتحال کي نظر ۾ رکندي معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي ريليف جي فراهمي جي تسلسل کي برقرار رکڻ جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تازي صورتحال کي نظر ۾ رکندي معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي ريليف جي فراهمي جي تسلسل کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي موٽرسائيڪل سوارن، پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جي لاءِ گذريل مهيني ڏني ويندڙ سبسڊي ۾ هڪ مهيني جي وڌيڪ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ مال بردار گاڏين جي ڪراين ۾ اضافي کي روڪيو وڃي، عوامي ريليف جي قدمن جي موثر نگراني يقيني بڻائي وڃي ته جيئن ان جا ثمر سڌوسنئون مستحق ماڻهن تائين پهچي سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي تعاون سان مشڪل حالتن ۾ عام ماڻهو جي لاءِ اربين رپين جو قومي ريليف پئڪيج فراهم ڪيو، اهڙين حالتن ۾ جيتري قدر ٿي سگهيو عوام کي ريليف فراهم ڪندا رهنداسين. هن چيو ته عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح رهندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن دعا ڪئي ته خطي جي صورتحال ۾ جلد بهتري اچي ته جيئن پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ استحڪام اچي سگهي.











