اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي کي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته ان موذي مرض جي ملڪ مان جلد مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون، سيسي جو خاتمو هڪ چئلينج آهي جنهن جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار يونيسيف جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي قيادت پاڪستان ۾ يونيسيف جي نمائندي پرنيل آئرنسائيڊ …
پوليو جهڙي موذي مرض جي ملڪ مان جلد مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي کي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته ان موذي مرض جي ملڪ مان جلد مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون، سيسي جو خاتمو هڪ چئلينج آهي جنهن جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار يونيسيف جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي قيادت پاڪستان ۾ يونيسيف جي نمائندي پرنيل آئرنسائيڊ ڪري رهي هئي جڏهن ته سيسي کان بچاءُ جي لاءِ قائم سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽر عبدالله فاضل، اسٽينفورڊ يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن مان جينا فارسيٿ ۽ ٽامس هرڊ وفد ۾ شامل هئا. ملاقات ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، مصطفى ڪمال ۽ عائشه رضا فاروق کانسواءِ لاڳاپيل اعلى عملدار پڻ شريڪ هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفد جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت قوم جي ٻارن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پوليو جي خاتمي کي پنهنجي اولين ترجيح سمجهي ٿو ۽ انشاءَ الله جلد ان موذي مرض جي ملڪ مان مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، سيسي جي اثرن جي ڪري ٻارن ۾ ذهني ۽ جسماني واڌويجهه جا مسئلا پيدا ٿين ٿا، ان جو خاتمو هڪ چئلينج آهي جنهن جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چيو ته حڪومت پنهنجي عالمي حصيدارن جي تعاون سان سيسي جي اثرن جي روڪٿام جي لاءِ قدمن جي حوالي سان پرعزم آهي. وفد جي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ پاڪستان ۾ پنهنجي تازي دوري دوران سروي جي حوالي سان اجلاس کي آگاهي ڏني. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ موجوده حڪومت جي ٻارن کي پوليو سميت موذي مرضن کان بچائڻ جي لاءِ قدمن کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي بيمارين کان بچاءُ ۽ انهن جي واڌويجهه جي لاءِ خطرن جي خاتمي لاءِ قدم ڏسي خوشي ٿي. شرڪت ڪندڙن ان راءِ جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان حڪومت صحت، تعليم، نوجوانن جي تربيت ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي. وفد وزيراعظم کي سيسي جي صحت تي نقصانڪار اثرن تي بريفنگ ڏني ۽ پاڪستان ۾ ان جي ڦهلاءُ جي علائقن جي نشاندهي ڪئي. شرڪت ڪندڙن عوام ۾ سيسي جي نقصانن بابت آگاهي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.











