اسلام آباد - 30 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ميڊيڪل ڊينٽسٽري ۽ متبادل طب بابت تعليمي ادارن جي منظوري جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ موجوده ريگيوليٽري فريم ورڪ جو جائزو ورتو ويو ۽ طبي تعليمي ادارن ۾ شفافيت، معيار قائم ڪرڻ ۽ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي خيالن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ميڊيڪل ڊينٽسٽري ۽ متبادل طب بابت تعليمي ادارن جي منظوري جي حوالي سان اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ميڊيڪل ڊينٽسٽري ۽ متبادل طب بابت تعليمي ادارن جي منظوري جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ موجوده ريگيوليٽري فريم ورڪ جو جائزو ورتو ويو ۽ طبي تعليمي ادارن ۾ شفافيت، معيار قائم ڪرڻ ۽ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ايڪريڊيٽيشن جي عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان کي عالمي بهترين طريقيڪار سان هم آهنگ ڪرڻ تي زور ڏنو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته صحت واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جون سفارشون ملڻ کانپوءِ ايندڙ هفتي اجلاس ٻيهر طلب ڪيو ويندو ته جيئن مشاورت جو عمل جاري رکي سگهجي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي، قومي صحت وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باوجوه، قومي صحت واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن جي ٻين اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.











