اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان صحت ۽ فارماسيوٽيڪل شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي. ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جي سينٽرل ڊرگز ليبارٽري کي صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي پري ڪواليفڪيشن حاصل ٿيڻ سان ملڪ دوائن جي معيار ۽ عالمي ساک ۾ نمايان اضافو ٿيندو. گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس …
پاڪستان صحت ۽ فارما سيوٽيڪل شعبي ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان صحت ۽ فارماسيوٽيڪل شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي. ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جي سينٽرل ڊرگز ليبارٽري کي صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي پري ڪواليفڪيشن حاصل ٿيڻ سان ملڪ دوائن جي معيار ۽ عالمي ساک ۾ نمايان اضافو ٿيندو. گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ان سرٽيفڪيشن کي حاصل ڪرڻ سان پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل مصنوعات جي روانگي واپار کي نئين جدت ملندي. هاڻي ٻاهرين ملڪ پاڪستاني دوائن جي ريگوليٽري اسڪروٽني ۾ نمايان گهٽتائي ايندي، جنهن جي نتيجي ۾ ايڪسپورٽرز کي گهٽ دستاويزي گهرجن ۽ آسان واپاري عمل کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اها اڳڀرائي پاڪستان کي صحت واري عالمي اداري جي ليول ٿري ريگوليٽري اسٽيٽس کي حاصل ڪرڻ جي ويجهو وٺي آئي آهي. هن وقت پاڪستان ڊبليو ايڇ او ليول ٽو تي آهي، پر ايندڙ 6 کان 8 مهينن ۾ ليول ٿري حاصل ڪرڻ جي اميد آهي. ليول ٿري اسٽيٽس ملڻ کانپوءِ پاڪستان جي دوائن جي روانگي واپار ۾ اضافو متوقع آهي. موجوده وقت ۾ پاڪستان اٽڪل 51 ملڪن کي دوائون موڪلي رهيو آهي، جڏهن ته ليول ٿري سرٽيفڪيشن کانپوءِ اهو انگ وڌي 150 ملڪن تائين پهچي سگهي ٿو. هن وقت اٽڪل 100 ملڪن ۾ پاڪستاني دوائن جي پهچ صرف ريگيوليٽري گهرجون پوريون نه هجڻ سبب ممڪن ناهن. هن چيو ته پاڪستان وٽ دوائن جي معيار، مهارت ۽ پيداواري صلاحيت ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي ناهي، جڏهن ته عالمي سرٽيفڪيشن جي عدم موجودگي هڪ وڏي رڪاوٽ هئي، جيڪا هاڻي تيزي سان ختم ٿي رهي آهي، ٻئي طرف وفاقي ڪابينا پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مقامي ويڪسين جي تياري لاءِ قومي ويڪسين پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان پاليسي سان نه رڳو مقامي سطح تي ويڪسين جي پيداوار کي هٿي ملندي پر پرڏيهي سيڙپڪاري جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ ويڪسين جي تياري لاءِ واضح پاليسي جو هجڻ انتهائي ضروري آهي ۽ پاڪستان ۾ ان خال کي هاڻي باقاعده طور تي ڀريو ويو آهي. اهي ٻئي قدم پاڪستان جي صحت جي نظام ۽ فارماسيوٽيڪل صنعت لاءِ گيم چينجر ٿابت ٿي سگهن ٿا، جيڪي ملڪ کي عالمي منڊي ۾ هڪ مضبوط مقام ڏيارڻ ۾ مدد ڏيندا.











