اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڏکڻ وزيرستان جي انگوراڊه واري علائقي ۾ افغان طالبان پاران شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين تي حملو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. گذريل ڏينهن گهرو وزارت مان جاري ٿيل بيان موجب محسن نقوي چيو ته افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج پاران گڏيل منصوبا بندي ڪري معصوم ٻارن ۽ …
وفاقي گهرو وزير پاران طالبان طرفان ڏکڻ وزيرستان ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ واري واقعي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڏکڻ وزيرستان جي انگوراڊه واري علائقي ۾ افغان طالبان پاران شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم شهرين تي حملو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. گذريل ڏينهن گهرو وزارت مان جاري ٿيل بيان موجب محسن نقوي چيو ته افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج پاران گڏيل منصوبا بندي ڪري معصوم ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻائڻ غير انساني فعل آهي. شهري آبادي کي نشانو بڻائي افغان طالبان انساني حقن جي چارٽر ۽ عالمي انساني قانون جي سنگين خلاف ورزي ڪئي آهي. سيڪيورٽي فورسز افغان طالبان جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهي آهي.گهرو وزير زخمي عورتن ۽ ٻارن جي جلد صحت يابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.











