وفاقي آئيني عدالت ۾ 7 مئي تي نئين گاج ڊيم تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي

اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت نئين گاج ڊيم جي تعمير بابت اهم ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي لاڳاپيل ڌرين کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وفاقي آئيني عدالت ۾ نئين گاج ڊيم جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي 7 مئي تي ٿيندي. وفاقي آئيني عدلت جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. عدالت سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن …

اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت نئين گاج ڊيم جي تعمير بابت اهم ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪندي لاڳاپيل ڌرين کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وفاقي آئيني عدالت ۾ نئين گاج ڊيم جي تعمير بابت ڪيس جي ٻڌڻي 7 مئي تي ٿيندي. وفاقي آئيني عدلت جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. عدالت سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته اٽارني جنرل، پلاننگ ڪميشن ۽ واپڊا سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي. عدالت لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو نئين گاج ڊيم جي تعمير بابت هن وقت تائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪن ته جيئن منصوبي جي صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي.

مزید خبریں