حق جي ويڙهه جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستاني بزنس فورم پاران پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) پاڪستان بزنس فورم حق جي ويڙهه جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي قومي دفاعي خدمتن کي ساراهيو آهي. پاڪستان بزنس فورم جي چيف آرگنائزر چوڌري احمد جواد ”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي قيادت کي خراج …

اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) پاڪستان بزنس فورم حق جي ويڙهه جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي قومي دفاعي خدمتن کي ساراهيو آهي. پاڪستان بزنس فورم جي چيف آرگنائزر چوڌري احمد جواد ”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج هر محاذ تي پيشيوراڻي مهارت، عزم ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پهلگام واقعي کانپوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج موثر رد عمل ڏيندي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. پاڪستان جي دفاعي حڪمت عملي اڄ به دنيا جي عسڪري ادارن ۾ بحث هيٺ آهي. احمد جواد خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت طرفان ڪنهن به قسم جي جارحيت ڪئي وئي ته ان جو پهرين کان وڌيڪ سخت ۽ موثر جواب ڏنو ويندو. هن سنڌ طاس معاهدي جي پاسداري تي زور ڀريندي چيو ته ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي پاڪستان لاءِ قبولڻ جوڳي ناهي. پاڪستان بزنس فورم پنجاب جي چيئرمين ملڪ طلعت حسين، سنڌ جي چيئرمين ملڪ خدابخش ۽ خيبرپختونخوا جي چيئرمين اشفاق پراچا به پاڪ فوج جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پاڪ فوج نه رڳو ملڪ جي جاگرافيائي پر نظرياتي سرحدن جي تحفظ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پوري قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان بزنس فورم جي اڳواڻن شهيدن جي وارثن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.

مزید خبریں