القاعده افغان طالبان جي کليل حمايت ڪري ڇڏي، پاڪستاني موقف هڪ ڀيرو ٻيهر درست

اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) طالبان رجيم جي قبضي هيٺ افغانستان سڄي دنيا جي دهشتگرد تنظيمن جي محفوظ پناه گاه ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان کان پوءِ عالمي دهشتگرد تنظيم القاعده پڻ افغان طالبان جي حمايت ۾ سامهون آئي آهي. پاڪستان جي آپريشن غضب للحق جي شاندار ڪاميابي سبب افغانستان ۾ موجود دهشتگرد تنظيمن ۾ شديد ڪاوڙ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. آپريشن غضب …

اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي) طالبان رجيم جي قبضي هيٺ افغانستان سڄي دنيا جي دهشتگرد تنظيمن جي محفوظ پناه گاه ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان کان پوءِ عالمي دهشتگرد تنظيم القاعده پڻ افغان طالبان جي حمايت ۾ سامهون آئي آهي. پاڪستان جي آپريشن غضب للحق جي شاندار ڪاميابي سبب افغانستان ۾ موجود دهشتگرد تنظيمن ۾ شديد ڪاوڙ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. آپريشن غضب للحق تحت پاڪستان افغانستان ۾ فتنه الخوارج سميت سمورن دهشتگرد تنظيمن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. پاڪ فوج جي آپريشن غضب للحق کان پوءِ عالمي دهشتگرد تنظيم القاعده افغان طالبان رجيم جي حمايت جو کليل اعلان ڪيو آهي. القاعده جي جنرل ڪمانڊ پاڪستان خلاف ڊگهو ۽ سخت لهجي تي مشتمل بيان جاري ڪيو آهي. القاعده موجب تنظيم پنهنجي پوري طاقت ۽ توانائي سان طالبان جو ساٿ ڏيندي. گڏيل قومن جولاءِ 2025ع ۾ پڻ افغان طالبان تي زور ڀريو هو ته افغان سر زمين دهشتگردن جي محفوظ پناه گاه طور استعمال نه ٿيڻ گهرجي. عالمي ماهرن موجب افغان رجيم جو پنهنجي سرزمين تي موجود دهشتگرد تنظيمن کي ناپاڪ مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ خطي جي امن لاءِ هڪ سنگين سوال آهي. پاڪستان جي تازين دهشتگردي جي روڪ ٿام وارين ڪارروائين افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن ۽ انهن جي بنيادي ڍانچي کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي.

مزید خبریں