پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ عيدالاضحيٰ گڏ ٿيڻ جا امڪان

اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ ذوالحج جو چنڊ 29 ذوالقعد آچر ڏينهن 17 مئي 2026ع تي نظر اچڻ جو چٽو امڪان آهي. فلڪيات جي ماهرن موجب نئون چنڊ ڇنڇر ۽ آچر 16 ۽ 17 مئي 2026ع جي وچ واري رات پاڪستاني وقت موجب هڪ لڳي هڪ منٽ تي پيدا ٿيندو. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سج لهڻ ۽ چنڊ لهڻ جي وچ وارو وقفو ڪراچي ۾ اٽڪل 55 …

اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۾ ذوالحج جو چنڊ 29 ذوالقعد آچر ڏينهن 17 مئي 2026ع تي نظر اچڻ جو چٽو امڪان آهي. فلڪيات جي ماهرن موجب نئون چنڊ ڇنڇر ۽ آچر 16 ۽ 17 مئي 2026ع جي وچ واري رات پاڪستاني وقت موجب هڪ لڳي هڪ منٽ تي پيدا ٿيندو. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سج لهڻ ۽ چنڊ لهڻ جي وچ وارو وقفو ڪراچي ۾ اٽڪل 55 منٽ جڏهن ته پشاور ۾ 63 منٽ هوندو، جيڪو چنڊ ڏسڻ لاءِ سازگار آهي. ماهرن موجب موسم صاف رهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ به چنڊ ڏسڻ جا امڪان واضح آهن. ان صورت ۾ پهرين ذوالحج سومر 18 مئي 2026ع تي ٿيندي ۽ عيدالاضحيٰ اربع 27 مئي تي ملهائي ويندي جڏهن ته 17 مئي جي شام آسمان تي ڪڪر ڇانيل رهيا ۽ چنڊ نظر نه آيو ته ذوالقعده جا 30 ڏينهن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پهرين ذوالحج اڱارو 19 مئي تي ٿيندي.

مزید خبریں