اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي)اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل(ايس آءِ ايف سي) جي فعال ۽ مربوط سهولتڪاري جي نتيجي ۾ پاڪستان صحت جي شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل حاصل ڪري ورتو آهي. ايس آءِ ايف سي نه صرف ملڪي سطح تي ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي يقيني بڻايو پر عالمي سطح تي پڻ رابطن ذريعي اهم اڳڀرائي کي ممڪن بڻايو. ايس آءِ ايف سي جي لڳاتار ڪوششن سان ڊرگ …
ايس آءِ ايف سي جي فعال ۽ جامع سهولتڪاري، پاڪستان صحت جي شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل حاصل ڪري ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد-30 اپريل(اي پي پي)اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل(ايس آءِ ايف سي) جي فعال ۽ مربوط سهولتڪاري جي نتيجي ۾ پاڪستان صحت جي شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل حاصل ڪري ورتو آهي. ايس آءِ ايف سي نه صرف ملڪي سطح تي ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي يقيني بڻايو پر عالمي سطح تي پڻ رابطن ذريعي اهم اڳڀرائي کي ممڪن بڻايو. ايس آءِ ايف سي جي لڳاتار ڪوششن سان ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جي پهرين ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي پري ڪواليفڪيشن حاصل ڪري ورتي آهي، جيڪا پاڪستان جي ريگيوليٽري نظام تي عالمي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. اها جديد ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري ڪراچي ۾ قائم ڪئي ويندي ۽ ڊريپ جي انتظام هيٺ ڪم ڪندي. ان منصوبي دوران درپيش ڪيترن ئي ملڪ اندر ۽ ٻاهر موجود رڪاوٽن کي ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ سهولتڪاري ذريعي ڪاميابي سان ختم ڪيو ويو. ان اڳڀرائي سان ملڪ ۾ دوا سازي جي صنعت ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد کي هٿي ملندي ۽ اهو قدم پاڪستان جي پرڏيهي ليبارٽرين تي دارومدار گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ مقامي سطح تي معياري ٽيسٽنگ جي سهولتن کي يقيني بڻائيندو.











