ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز اٿارٽي جي پهرين کيپ ڪرغزستان رواني

ڪراچي-30 اپريل(اي پي پي) ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز اٿارٽي(اي پي زيڊ اي) جي پهرين ايڪسپورٽ کيپ ڪاميابي سان زمين رستي ڪرغزستان رواني ٿي وئي، جيڪا پاڪستان جي علائقائي واپاري رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ايڪسپورٽ دائري کي وسيع ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز اٿارٽي جي چيئرمين موجب حڪومت جي وسيع تر معاشي حڪمت عملي تحت پاڪستان جي ايڪسپورٽ  ۾ اضافي لاءِ مربوط ڪوششون جاري آهن. هن …

ڪراچي-30 اپريل(اي پي پي) ڪراچي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز اٿارٽي(اي پي زيڊ اي) جي پهرين ايڪسپورٽ کيپ ڪاميابي سان زمين رستي ڪرغزستان رواني ٿي وئي، جيڪا پاڪستان جي علائقائي واپاري رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ايڪسپورٽ دائري کي وسيع ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز اٿارٽي جي چيئرمين موجب حڪومت جي وسيع تر معاشي حڪمت عملي تحت پاڪستان جي ايڪسپورٽ  ۾ اضافي لاءِ مربوط ڪوششون جاري آهن. هن ٻڌايو ته اهي قدم وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداور بابت خاص صلاحڪار هارون اختر خان جي هدايت موجب تيزي سان جاري آهن. زميني راهداري ذريعي موڪليل اها کيپ مرڪزي ايشيا جي وڌنڌڙ مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. ان کيپ جي مجموعي ماليت 62 هزار 461 آمريڪي ڊالر 60 سينٽس آهي. جنهن ۾ 2،311 پيڪيجز شامل آهن. ايڪسپورٽ ڪيل مصنوعات ۾ هربل آئلز، هربل ٽي، مهندي، ڪريم ۽ صابڻ شامل آهي ، جيڪي پاڪستان جي ويليو ايڊڊ ايڪسپورٽ  جي صلاحيت کي ظاهر ڪن ٿيون. هن چيو ته ان قسم جا قدم نه صرف ڪرغستان سان واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائيندا پر خطي ۾ پاڪستاني ايڪسپورٽ ڪندڙن لاءِ نوان موقعا پيدا پڻ ڪندا. اها اڳڀرائي پاڪستان جي ايڪسپورٽ ۾ اضافي ۽ پائيدار معاشي ترقي حاصل ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.

مزید خبریں