ڪوئيٽا-30 اپريل (اي پي پي) بلوچستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀير عام ماڻهو کي هنگامي طبي امداد جي فراهمي لاءِ ايئر ايمبولينس جو منصوبو عملي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. پيپلز ايئر ايمبولينس عوامي خدمت لاءِ تيار آهي ۽ جلد ئي ان جي خدمتن جي باقاعده شروعات ڪئي ويندي. سوشل ميڊيا تي پيپلز ايئر ايمبولينس جون تصويرون شيئر ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي لکيو ته بلوچستان جي …
پيپلز ايئر ايمبولينس عوامي خدمت لاءِ تيار، جلد ئي طبي خدمتن جي باقاعده شروعات ڪئي ويندي: مير سرفراز بگٽي

مزید خبریں
ڪوئيٽا-30 اپريل (اي پي پي) بلوچستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀير عام ماڻهو کي هنگامي طبي امداد جي فراهمي لاءِ ايئر ايمبولينس جو منصوبو عملي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. پيپلز ايئر ايمبولينس عوامي خدمت لاءِ تيار آهي ۽ جلد ئي ان جي خدمتن جي باقاعده شروعات ڪئي ويندي. سوشل ميڊيا تي پيپلز ايئر ايمبولينس جون تصويرون شيئر ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي لکيو ته بلوچستان جي عوام لاءِ ڪيل هڪ ٻيو واعدو مڪمل ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ پيپلز ايئر ايمبولينس جي شروعات تمام جلد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان فضائي سروس ذريعي سنگين نوعيت جي زخمي ۽ بيمار مريضن کي فوري طور تي وڏن شهرن جي اسپتالن تائين منتقل ڪري سگهبو، جنهن سان قيمتي انساني زندگين کي بچائڻ ۾ مدد ملندي. وڏي وزير چيو ته صوبي جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جتي وقت سر طبي سهولت جي فراهمي هڪ وڏو چئلينج رهي آهي، اتي ايئر ايمبولينس سروس هڪ انقلابي قدم ثابت ٿيندي. ان جديد سهولت ذريعي حادثن، قدرتي آفتن يا ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري ريسپانس ممڪن بڻائي سگهبو.











